ڀارت ڪشمير ۾ مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو: وزيراعظم

ڪراچي: وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير، افغانستان ۽ اسلامو فوبيا سوڌو ٻين مسئلن تي کُلي ڪري ڳالهايو.

وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير جو ڪيس پيش ڪندي چيو ته نئين دهلي والاريل ڪشمير ۾ آخري حل جي طرف وڌي رهيو آهي، ڀارت ڪشمير ۾ مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو، قرار داد واضح آهي ته مسئلو ڪشمير جو حتمي حل علائقي جي ماڻهن ۽ گڏيل قومن جي تحت آزاد ۽ غير جانبدار راءِ شماري سان ڪندا.

وزيراعظم چيو آهي ته هندستان ۾ مودي حڪومت بي جي پي، آر ايس ايس فاشت نظريو پکيڙي رهيون آهن، نئين دهلي والاريل ڪشمير ۾سينيئر اڳواڻن کي قيد ڪري رکيو آهي، ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو دارومددار ڪشمير مسئلي جي حل ۾ آهي.

عمران خان چيو ته حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ سندس گهر وارن کي روڪو ويو جڏهن ته ڀارت ڪشمير ۾ هزارين ڪشميرن کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ۽ ڪيترن ئي سينيئر اڳواڻن کي قيد ڪري ڇڏيو.

وزيراعظم چيو ته حال ئي ۾ سيد علي شاهه گيلاني جي مت کسي وئي جنرل اسيمبلي مطالبو ڪري ته سيد علي گيلاني جي تدفين شهداءَ قربستان ۾ ڪئي وڃي، ڀارت جي ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي  جنيوا ڪنوينشن جي خلاف آهن.

عمران خان چيو آهي ته 11 سيپٽمبر کانپوءِ ڪجهه حلقن اسلام کي دهشتگردي سان ڳنڍيو، جنهن جي ڪري ساڄي هٿ جي طرفا انتها پسندي وڌي، جڏهن ته اسلامو فوبيا جهڙي رجحان کي اسان سڀني کي گڏجي مقابلو ڪرڻو آهي.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته افغانستان جي صورتحال جو آمريڪا ۽ يورپ ۾ ڪجهه ماڻهو پاڪستان کي ذميوار سمجهن ٿا، افغانستا کانپوءِ جيڪڏهن ڪوئي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي ته اهو پاڪستان آهي.

عمران خان چيو ته 2006 ۾ ان وقت سينيٽر ۽ موجوده آمريڪي صدر جوبائيڊن کي چيو هو ته جنگ مسئلي جو حل نه آهي، پاڪستان ۾ هن وقت 30 لک افغاني پناهگير آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي 150 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو، جڏهن ته 80 هزار کان وڌيڪ جانيون قربان ڪيون.

وزيراعظم چيو ته دنيا کي هن وقت ڪورونا ۽ موسمياتي تبديلن جا چئلينجز به درپيش آهن، پاڪستان ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ ۾ڪامياب رهيو آهي، پاڪستان ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيندڙ 10 ملڪن ۾شامل آهي، مني لانڊرنگ سان غريب ملڪن جي معيشت تي دٻاءُ وڌندو آهي، امير ۽ غريب ملڪن ۾فرق تيزي سان وڌي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔