انگلش بورڊ جو دورو ملتوي ڪرڻ جي حوالي سان وڏو انڪشاف

لنڊن: انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پاڪستان جو دورو ملتوي ڪرڻ جي حوالي سان هڪ وڌيڪ اهم انڪشاف ڪيو ويو آهي.
برطانوي اخبار ڊيلي جي رپورٽ موجب انگلينڊ ۾ ڪرڪيٽرز جي يونين ٽيم انگلينڊ پليئرز پارٽنرشپ جي هڪ عهديدار انڪشاف ڪيو آهي ته انگلينڊ جي ڪنهن به ڪرڪيٽر (مرد يا عورت) دوري جي حوالي سان پنهنجا خدشا ظاهر نه ڪيا هئا ۽ نه ئي اِي سي بي طرفان انهن مان ڪنهن سان به مشورو ڪيو هو.
عهديدار ٻڌايو ته انگلش ڪرڪيٽ بورڊ (اِي سي بي) نيوزي لينڊ جو دورو ختم ڪرڻ کانپوءِ رانديگرن کي غلط فهمي ۾ رکيو ويو، دورو ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت رانديگرن کان پڇيو ئي نه ويو، اِي سي بي اجلاس کانپوءِ رانديگرن کي فيصلي بابت ٻڌايو.
عهديدار موجب اِي سي بي دوري کي ملتوي ڪرڻ جي فيصلي کان اڳ ڪنهن به مرحلي تي انگلينڊ جي رانديگرن کي اعتماد ۾ نه ورتو هو ۽ فيصلي جي ڪري رانديگرن کي تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو.
يونين جي ترجمان چيو ته گذريل آچر تي ان حوالي سان اجلاس ۾ اِي سي بي دورو ملتوي ڪرڻ جو هڪ طرفو فيصلو ڪيو، پليئر يونين کان راءِ به نه ورتي وئي.
خيال رهي ته نيوزي لينڊ جي ٽيم اوچتو ميچ کان هڪ ڪلاڪ اڳ ۾ سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي پاڪستان جو دورو ختم ڪري واپس وڃڻ جو اعلان ڪيو جنهن کانپوءِ انگلينڊ به پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.
اِي سي بي چيو هو ته انگلينڊ ۽ پاڪستان وچ ۾ 2 ٽي ٽوئنٽي ميچون 13 ۽ 14 آڪٽوبر تي کيڏيا وڃن ها پر اهڙي صورتحال ۾ خطي جو دورو ڪرڻ رانديگرن جي لاءِ آئيڊيل ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔