ٿولهه گھٽائڻ لاءِ ڊائيٽنگ کان بهتر جسماني ورزش آهي: تحقيق

آمريڪي ماهرن چيو آهي ته جيڪڏهن اوهان ٿولهه جو شڪار آهيو ۽ پنهنجو وزن گھٽ ڪرڻ چاهيو ٿا ته اوهان لاءِ باقاعده جسماني ورزش جاري رکڻ، ڊائٽنگ ڪرڻ کان وڌيڪ بهتر آهي.
اها ڳالهه ايريز اسٽيٽ يونيورسٽي جي گلين گيسر ۽ يونيورسٽي آف ورجينيا جي سڌارت انگڙي ريسرچ جرنل آءِ سائنس جي تازي پڌرائي ۾ آن لائين ڇپيل هڪ رپورٽ ۾ چئي وئي آهي.
ان تجزياتي رپورٽ جي تياري ۾ ٿولهه، دل جي مرضن ۽ ساهه جي بيمارين ۾ واسطي جي حوالي سان آمريڪا ۾ ٿيل مختلف تحقيقن جو جائزو ورتو ويو.
تجزيي مان خبر پئي ته رڳو ڊائيٽنگ جو سهارو وٺي وزن گھٽ ڪرڻ جي ڪوششن مان گھڻا سٺا نتيجا مليا جڏهن ته ظاهري طور ٿلها نظر ايندڙ ماڻهو جيڪي باقاعده سان ورزش ۽ جسماني مشقت ڪندا آهن، اهي اندروني طور تي صحتمند هوندا آهن، جن کي دل، شريانين ۽ ساهه جي بيمارين جو خطرو به گھٽ هوندو آهي.
واضح رهي ته اڄ سڄي دنيا جا طبي ماهر ٿولهه جي حوالي سان اختلاف رکندا آهن.
ماهرن جو هڪ طبقي جو چوڻ آهي ته وزن جي حساب سان ٿولهه جو شڪار ماڻهن کي دل ۽ ساهه جي بيمارين جو شديد خبرو هوندو آهي.
ان جي ابتڙ، ماهرن جي ٻِين طبقن جو چوڻ آهي ته ٿلهو يا سنهڙو ٿيڻ ئي سڀ ڪجهه نه آهي پر وڌيڪ اهميت ان ڳالهه جي آهي ته ڪو به شخص روزانو ڪيتري ورزش ڪري رهيو آهي.
مطلب اهو ته نارمل وزن وارا آرام پسند ماڻهو به دل ۽ ساهه جي مرضن جو شڪار بڻجي سگھن ٿا جڏهن ته روزانو ميل پنڌ ڪندڙ يا باقاعده معياري ورزش ڪندڙ ٿلهن ماڻهن لاءِ به اهو خطرو گھڻُو گھٽ ٿي سگھي ٿو.
اهو تجزيو به ان کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي جنهن مان خبر پوي ٿي ته وزن گھٽ ڪرڻ لاءِ جسماني مشقت ڪندڙ ماڻهو رڳو ڊائيٽنگ وزن گھٽائڻ جون ڪوششون ڪندڙن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪامياب رهندا آهن.
ان تجزيي مان اها تصديق به ٿي ته جسماني ورزش جي پابندي ڪندڙ ظاهري طور ٿلها پر اندروني طور مضبوط هوندا آهن.
ان تجزيي کان پوءِ ماهرن زور ڏنو آهي ته سڀ کان اڳ ته اسان کي ٿولهه ۽ ان سان واسطو رکندڙ خدشن ۽ خطرن جي بهتر وضاحت ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻي پاسي ٿولهه/ وزن گھٽ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڌيان ورزش، واڪ ڪرڻ ۽ ٻئي قسم جي جسماني مشقت تي ٿيڻ گھرجي ڇو ته ان معاملي ۾ ڊائيٽنگ جو ڪردار گھٽ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔