اسٽيل ملز : ملازمن جي پگھارن لاءِ 11 ارب رپين جي منظوري

اسلام آباد: اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پاڪستان اسٽيل ملز جي ملازمن جي پگھارن جي ادائگي لاءِ 11 ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت هيٺ اي سي سي اجلاس ٿيو جنهن ۾ 8 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪامياب پاڪستان پروگرام جي منظوري ڏني وئي.
ذريعن موجب پهرين مرحلي ۾ بلوچستان، ڪي پي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ ڪامياب پاڪستان پروگرام شروع ڪيو ويندو، سنڌ ۽ پنجاب جي پٺتي پيل ضلعن ۾ به ڪامياب پاڪستان پروگرام شروع ڪيو ويندو.
اي سي سي 50 هزار ٽن کنڊن جي درآمد جي به منظوري ڏني جيڪا ٽن مرحلن ۾ ڪئي ويندي. اجلاس ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي ملازمن جي پگھارن جي ادائگي لاءِ 11 ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي. ملازمن کي پگھارون 2021-22 لاءِ ادا ڪيون وينديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔