برطانوي پارليامينٽ ۾ ڪشميرين جي حق ۾ آواز، مودي خلاف سخت موقف

لنڊن: برطانوي پارليامينٽ ۾ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صوتحال تي بحث دوران برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
لنڊن مان ملندڙ اطلاعن موجب بحث جي شروعات آل پارٽيز پارليامينٽري گروپ آن ڪشمير جي چيئرپرسن ڊيبي ابراهم ڪئي.
ڊيبي ابراهم بحث دوران پارليامينٽ ۾ برهان واني جو ذڪر ڪيو، هن جو چوڻ هو ته ٻارن سميت هزارين ڪشميرن کي سيفٽي ايڪٽ جي تحت گرفتار ڪيو ويو آهي، ڀارتي فوج ڪشمير ۾ هرو ڀرو طاقت جو استعمال ڪري رهي آهي.
هن چيو ته نريندر مودي کي گڏيل قومن ۾ خطاب جي موقعي تي چيلينج ڪرڻو پوندو.
پارليامينٽ جي ميمبر جيمز ڊيلي چيو ته ڪشمير بابت گڏيل قومن جي قراردادن تي عمل ڪرايو وڃي.
برطانوي پارليامينٽ ۾ سيد علي گيلاني کي خراج تحسين به پيش ڪئي وئي.
ان موقعي تي پارليامينٽ جي ميمبرن جو چوڻ هو ته سيد علي گيلاني پنهنجي زندگي آزدي لاءِ جدوجهد ڪندي قربان ڪري ڇڏي.
عمران حسن چيو ته گڏيل قومون پنهنجي قراردادن تي عمل نٿو ڪرائي سگهي ته اهو ادارو ڪهڙي ڪم جو آهي؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔