فلمي دنيا جو وڏو ميوزيم کلڻ لاءِ تيار

فلمي دنيا جو وڏو ميوزيم سياحن لاءِ کلڻ لاءِ تيار آهي، اڪيڊمي آف موشن پڪچرز کي 30 سيپٽمبر تي عوام لاءِ کوليو ويندو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب 28 هزار اسڪوائر ميٽرن تي پکڙيل اهو ميوزيم ٻن عمارن تي ٻڌل آهي جن کي شيشي جي پل پاڻ ۾ ڳنڍي ٿي جڏهن ته ان جي اندر ٻه ٿيٽرز به موجود آهن.
ميوزيم ۾ فلمن جي يادگارن کان سواءِ هالي ووڊ جي تڪرارن کي به جاءِ ڏني وئي آهي، جنهن ۾ ”مي ٽو“ جهڙا تڪرار به شامل آهن.
ميوزيم کي اطالوي ڊزائنر رينزو پيانو ڊزائين ڪيو آهي جنهن جو اعلان 2012ع ۾ ڪيو ويو هو ۽ افتتاح 2016 ۾ ڪيو ويو هو جيڪودير جو شڪار ٿيو.
عالمي اداري موجب ميوزيم کي هالي ووڊ جي مشهور پروڊڪشن ڪمپنين وارنر بروز، ڊزني ۽ آن لائني اسٽريمنگ پليٽ فارم نيٽ فليڪس جي 39 ڪروڙ ڊالرن جي فنڊنگ مان تيار ڪيو ويو آحي.
اڪيڊمي ميوزيم آف موشن پڪچرز جي بورڊ آف ٽرسٽِ جي ميمبر ۽ ٻه ڀيرا آسڪر ايوارڊ کٽيندڙ اداڪار ٽوم هينڪس ۽ آمريڪي اداڪارا اينا ڪينڊرڪ ميوزيم جي پري اوپننگ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔