اليڪشن ڪميشن پاران ايندڙ عام چونڊون ٻيهر آر ٽي ايس تحت ڪرائڻ تي اتفاق: ذريعا

اسلام آباد: چونڊن ۾ غلطين کان پاڪ ٽيڪنالوجي استعمال ڪرڻ جي حق ۾ آهيون، اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر آر ٽي ايس جي استعمال تي اتفاق ڪري ورتو. چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اهم اجلاس دورا غلطين کان پاڪ اي وي ايم مشين تيار ڪرڻ ۽ ٽيڪنيڪل ٽيم کي مشين جو جائزو جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي. ذريعن موجب ڪميشن جي اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته 2018ع جي چونڊن دوران آر ٽي ايس ۾ ظاهر ٿيل خاميون نادرا سان گڏجي ختم ڪيون وڃن، 2017ع جي آدم شماري تحت تڪبنديون ۽ عام چونڊون نين تڪبندين تحت ڪرائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.\ اجلاس ۾ بريفنگ دوران چيو ويو ته حڪومت اي وي ايم جي حوالي سان گهربل شيون اڃا تائين مهيا نه ڪيون ويون آهن، غلطين کان پاڪ اي وي ايم ٺاهڻ جي به هدايت ڪئي وئي تھ نادرا سان گڏجي 2018ع دوران آر ٽي ايس ۾ آيل خاميون ختم ڪيون وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔