ڀارت مان ڌمڪين وارا اي ميلز نيوزيلينڊ موڪليا ويا: فواد چوڌري

اسلام آباد: وفاقي وزيرن چيو آھي تھ ڀارت مان ڌمڪين وارا اي ميلز نيوزيلينڊ موڪليا ويا، ڪرڪيٽ مامري تي هاڻي راند ختم ٿيڻ گهرجي، ٻيا به وڏا مسئلا آهن، مايوسي ڪفر آهي، اهو ڏينهن ايندو جو دنيا جون سموريون ٽيمون پاڪستان اينديون. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پاڪستان کي اڪيلو ۽ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ کي اڳتي وٺي وينداسين، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته ڪوڙن ٿريٽس جي بُنياد تي نيوزيلينڊ ٽيم جو دورو ختم ٿيو، احسان الله احسان جي نالي سان فيڪ آءِ ڊي ذريعي ٿريٽ پوسٽ ڪئي وئي ۽ نيوزيلينڊ کي حمزه علي جي نالي آءِ ڊي ذريعي ٿريٽ جي اي ميل اُماڻي وئي. وفاقي وزير فواد چوڌري وڌيڪ چيو تھ انٽر پول کي ٻنهي آءِ ڊيز جو پتو لڳائڻ لاءِ درخواست ڪئي آهي، ڊسمبر ۾ ويسٽ انڊيز کي روڪڻ لاءِ هاڻي کان ئي احسان الله احسان جي آءِ ڊي ذريعي ٿريٽس اُماڻيا ويا آهن، آءِ سي سي کي ٿريٽس جي مامرن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، قانوني ماهرن سان مشاورت بعد انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ خلاف عدالت به وينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔