ڪراچي مان حراست ۾ ورتل سينيئر صحافي وارث رضا پنھنجي گھر پھچي ويو

ڪراچي ۾ گذريل رات حراست ۾ ورتل سينيئر صحافي وارث رضا گلشن اقبال پنھنجي گھر پھچي ويو. ڪراچي يونين آف جرنلسٽس (ڪي يو جي) جي جنرل سيڪريٽري سان ڳالھائيندي وارث رضا ٻڌايو تھ ھو گھر پھچي ويو آھي ۽ خيريت سان آھي. وارث رضا موجب انھيءَ کي وٺي ويندڙن ھن کان صحافتي ذميوارين بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ ھن جي ڪالم بابت پڇا ڪندا رھيا. وارث رضا ٻڌايو تھ کين وٺي ويندڙن ھن جي اکين تي پٽي ٻڌي ۽ ڳڄھي جاءِ تي وٺي ويا، ڪجھھ دير پھريان مبينھ ٽائون ٿاڻي جي ويجھو ڇڏي ويا. ياد رھي تھ سينيئر صحافي جي گھر وارن جو چوڻ ھو تھ وارث رضا کي رات دير سان يونيفارم پاتل ماڻھن پاڻ سان گڏ وٺي ويا، وارث رضا کي وٺي ويندڙ ماڻھن جو چوڻ ھو تھ ڪجھھ دير ۾ ڇڏي ڏينداسين. ڪراچي يوني آف جرنلسٽس جي سينيئر صحافي وارث رضا کي حراست ۾ وٺي وڃڻ جي مذمت ڪندي چيو تھ پاڪستان يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي تاريخ تي مشتمل ڪتاب جي سھريندڙ کي حراست ۾ وٺڻ آزادي صحافت تي حملو آھي. پي ايف يو جي بھ سينيئر صحافي وارث رضا کي حراست ۾ وٺڻ جي سخت مذمت ڪئي آھي. سينيئر صحافي مظھر عباس بھ وارث رضا جي حراست تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو ھو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔