آءِ ايم ايف پروگرام جي ڪري مھانگائي ۾ اضافو ٿيو: شوڪت ترين جو اعتراف

ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آھي تھ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پروگرام جي وجھ سبب مھانگائي ۾ اضافو ٿيو، غريب عوام کي کائڻ پيئڻ جي شين تي ڊائريڪٽ سبسڊي فرام ڪنداسين. اسلام آبا د۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين جو چوڻ ھو تھ گيھھ جي عالمي قيمتن ۾ 50 سيڪڙو جو فرق آيو آھي جنھن کي اسان 30 سيڪڙو تري کيو، ڪڻڪ جي قيمتن ۾ ساڍا 13 سيڪڙو سيڪڙو اضافو ٿيو آھي، پاڪستان ۾ پيٽرول 123 روپين جو ۽ انڊيا ۾ 250 روپيا ليٽر آھي. ناڻي واري وزير جو چوڻ ھو تھ گيھھ تي سبسڊي ڏينداسين، ٻاھريان گھرايل گيھھ جي اضافي قيمتن جو وزن حڪومت کڻندي، غريب عوام کي اسان کائڻ پيئڻ جي شين تي ڊائريڪٽ سبسڊي ڏينداسين، 4 ڪروڙ ماڻھن کي ڪيش سبسبڊي ڏني ويندي. شوڪت ترين جو چوڻ ھو تھ مڊل مين 3 کان 4 سو سيڪڙو تائين پئسا ٺاھي رھيا آھيون، کائڻ پيئڻ جي شين ۾ ڪارٽيلائيزيشن تي سي سي پي ايڪشن وٺندو، فوڊ ڪنٽرول اسنپيڪٽرز جو نظام بحال ڪيو ويندو. ھن جو چوڻ ھو تھ تيل جي قيمتن وڌڻ ۽ گاڏين جي درآمد ان ڊالر مھانگو ٿيو آھي، ڊالر افغانستان وڃي رھيو آھي، تاثر منفي ٿيڻ سان ايڪسپوٽرز پئسو ٻاگر رکڻ شروع ڪري ڇڏيندا آھن. ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ وزيراعظم چيو آھي تھ ميڊي ۽ لانگ ٽرم پلان ٺاھينداسين تھ جيئن ڪرائسز نھ اچي، انھيءَ مھيني جي آخر ۾ ڪامياب پاڪستان پروگرام لانچ ٿيڻ وڃي رھيو آھي، ھيٺين طبقي سان تعلق رکندڙ 42 سيڪڙو آبادي کي کائڻ پيئڻ جي شين تي سڌو سبسڊي ڏني ويندي، ناڻي واري وزير طور ڪم ڪندو رھندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔