عالمي طاقتن سان جوهري ڳالهيون ٻيهر شروع ٿيڻ واريون آهن: ايران

ايران جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته عالمي طاقتن سان جوهري ڳالهيون ڪجهه هفتن ۾ ٻيهر شروع ٿينديون، تهران مان ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان سعيد خطيب زادا موجب ملاقات جي لاءِ ڀائيچاري ۽ ايجنڊي جي ضرورت آهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته ويانا جوهري ڳالهيون تمام جلد ٻيهر شروع ٿي رهيون آهن.
هوڏانهن خابرو اداري دعويٰ ڪئي ته ايران ۽ عالمي طاقتن وچ ۾ جوهري معاهدي تي ڳالهين جا 6 دور ٿي چڪا آهن، ايران ۾ نئين حڪومت قائم ٿيڻ جي ڪري ڳالهين جو عمل جون ۾ روڪيو ويو هو.
واضح رهي ته ايران ۽ عالمي طاقتن وچ ۾ 2015 ۾ ٿيندڙ جوهري معاهدي کان آمريڪا 2018 ۾ هر طرفي طور دستبردار ٿي ويو هو، آمريڪا کي معاهدي ۾ واپس آڻڻ جي لاءِ ويانا ڳالهين ۾ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ سڌي ريت ڳالهين جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔