جسٽن ٽروڊو ٽيون ڀيرو ڪينيڊا جو وزيراعظم بڻجي ويو

اوٽاوا : ڪينيڊا جي حڪمران جماعت لبرل پارٽي جي چونڊون کٽي ورتيون جنهن کان پوءِ جسٽن ٽروڊو ٽيون ڀيرو وزيراعظم بڻجي ويو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪينيڊا ۾ ٿيل چونڊن ۾ وزيراعظم جسٽن ٽروڊو جي جماعت 156 ضلعن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي جڏهن ته اپوزيشن جماعت 122 ضلعن ۾ ڪاميابي ماڻي.
وزيراعظم جسٽن ٽروڊو گذريل مهيني جي وچ ۾ مقرر وقت کان ٻه سال اڳ ئي اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو هو. وزيراعظم عوام کي ڪووڊ-19 جي خلاف ويڙهه ۽ ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ڪو ٻيو اميدوار چونڊڻ جي درخواست ڪئي هئي.
ڪينيڊا جي عوام چونڊن کان اڳ به وزيراعظم جسٽن ٽروڊو جي حق ۾ فيصلو ڏنو هو پر هن ڀيري جسٽن ٽروڊو کي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻي پئي ۽ گذريل اليڪشن کان گھٽ ووٽ مليا.
ٻي پاسي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چونڊن ۾ پنهنجي ڪاميابي جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ڪينيڊا ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ ۽ خوشحال ڏنهن لاءِ لبرلز جي ترقي پسند منصوبن کي چونڊي ورتو آهي. اسان سندن اميدن کي ضرور پورو ڪنداسين.
هوڏانهن جسٽن ٽروڊو جي وڏي حريف ڪنزرويٽو اڳواڻ ايرين اوٽولي به چونڊن ۾ پنهنجي شڪست تسليم ڪري ورتي آهي.
واضح رهي ته حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪنهن به جماعت کي 338 مان 170 سيٽن جي ضرورت پوندي آهي جنهن سبب لبرلز کي هن ڀيري ڪنهن ٻي جماعت سان اتحاد ڪري حڪومت ٺاهڻ پوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔