هاڻ مائڪرو سافٽ اڪائونٽ لاءِ پاس ورڊ جي ضرورت نه آهي

مائڪرو سافٽ چيو آهي ته ان جا سڀ واهپيدار پنهنجي مائڪرو سافٽ اڪائونٽ لاءِ پاس ورڊ کي ختم ڪري سائن ان ٿيڻ لاءِ ٻيا طريقا استعمال ڪري سگھن ٿا.
ڪمپني طرفان 2021ع شروع ۾ ڪاروباري ادارن لاءِ اها سهولت متعارف ڪرائي وئي هئي پر هاڻ سڀني واهپيدارن لاءِ ائين ڪيا پيو وڃي.
هاڻ واهپيدارن کي پاس ورڊ ياد رکڻ يا پاس ورڊ مينيجر استعمال ڪرڻ بدران مائڪرو سافٽ اٿينٽيڪيٽر ايپ ونڊوز هيلو کي استعمال ڪري سگھن ٿا.
ان ايپ سان واهپيدارن کي هڪ سيڪيورٽي ڪِي يا ايس ايم ايس يا اي ميل ڪوڊز فراهم ڪيا ويندا.
اهڙيءَ طرح واهپيدار مخلتف سروز جهڙوڪ ون ڊرائيو، آئون لڪ مائڪرو سافٽ فيملي سيفٽي ۽ ايڪس باڪس سيريز ايڪس ايس ۾ ان ورڊ کان سواءِ سائن ان ٿي سگھندا.
مائڪرو سافٽ طرفان اها سهولت ايندڙ ڪجهه هفتن تائين سڀني واهيپدارن کي فراهم ڪئي ويندي.
ڪمپني موجب ونڊوز هيلو سان اڪائونٽ کي سلهاڙڻ کان پوءِ پاس ورڊ کي سوئچ آف ڪري سگھبو.
ان لاءِ سافٽ اڪائونٽ سيٽيڪز ۾ وڃي اينڊوانسڊ سيڪيورٽي آپشن ۽ اتي ايڊيشنل سيڪيورٽي وڃڻو پوندو جتي اڪائونٽ کي پاس ورڊ ليس آپشن تي سوئچ ڪري سگھجي ٿو.
واهپيدار پاس ورڊ کي ٻيهر ري ايڪٽيويٽ ڪري سگھندو پر ڪمپني موجب سائن ان جا ٻيا طريقا وڌيڪ محفوظ هوندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔