سموري ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي مختلف شين جي قيمتن ۾ واڌ، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد: سموري ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي مختلف شين جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. يوٽيلٽي اسٽورز تي مختلف برانڊز جا صابڻ 3 کان 10 روپين تائين مهانگا ٿي ويا آهن.
ٽشو پيپر ۽ نيپڪن جون قيمتون 3 کان 19 روپين تائين وڌايون ويون آهن. ڪپڙن ڌوئڻ جو صابڻ 22 روپيه، ٽوائلٽ ڪليئر ۽ بليچ جون قيمتون 4 کان 12 روپين تائين وڌايون ويون آهن. يوٽيلٽي اسٽورز تي ملڪ ڪريم 10 روپيه مهانگي ڪئي وئي آهي. مختلف برانڊز جي گيهه جي قيمتن ۾ 96 روپيه تائين في ڪلو تائين واڌ ڪئي وئي آهي. مختلف برانڊز جو ڪوڪنگ آئل 97 روپين تائين في ليٽر مهانگو ٿي ويو آهي. ڪارن ڪوڪنگ آئل 370 روپين تائين في ليٽر مهانگو ٿي چڪو آهي. ڪارن ڪوڪنگ آئل جي قيمت 500 مان وڌائي 870 روپيه ٿي وئي آهي.
ٽي وائٽنر جي 1.2 ڪلو گرام قيمت 40 روپين تائين وڌائي وئي آهي. ڪسٽرڊ ۽ کير سميت مختلف مٺين شين جا ڊٻا 10 روپين تائين مهانگا ڪيا ويا آهن. فيس ڪريم جي 50 ڪلو گرام قيمت ۾ 40 روپين تائين اضافو ڪيو ويو آهي. ٽشو جو ڊٻو 15 روپيه ۽ ٽشو رول 5 روپين تائين مهانگو ڪيو ويو آهي. ڪارين مرچن جي ڊٻن جي قيمت 10 روپين تائين وڌائي وئي آهي. چلي، گارلڪ، بي بي ڪيو ۽ پيزا ساس جي قيمتن ۾ به واڌ ٿي وئي آهي. صابڻ، ٽي مڪس، ليڪوٽ فلور، ڪليئر جي قيمتن ۾ به واڌ ٿي وئي آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز جي شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔