ترقياتي رٿائن تي نظرثاني: سنڌ ڪابينا اجلاس خميس تي طلب

ڪراچي: سنڌ ڪابينا جو اجلاس خميس 23 سيپٽمبر تي طلب ڪيو ويو آهي، وڏي وزير پاران طلب ڪيل ڪابينا اجلاس ۾ رکيل ايجنڊائن مطابق ترقياتي منصوبن جي پورٽ فوليو تي نظرثاني ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪراچي ماسٽر پلان تي چيف سيڪريٽري پريزنيٽيشن ڏيندو، سنڌ ۽ چين جي صوبي هوبئي کي سسٽر صوبو ۽ ڪراچي کي چيني شهرن سان سسٽر سٽي قرار ڏيڻ جي حوالي سان به ايجنڊا شامل ڪئي وئي آهي، انٽرا سٽيز بس سروس لاءِ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻي لاءِ 250 بسن جي خريداري، خريف جي فصل لاءِ آبادگارن کي سبسڊي سميت 11 ايجنڊائون ڪابينا جي اجلاس ۾ رکيون ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔