مهانگائي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ تحريڪ انصاف کي گهر اماڻڻو پوندو: بلاول ڀٽو

ڪراچي:   پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بجلي  جي بلن ۾ 35 سيڪڙو تائين انڪم ٽيڪس لاڳو ڪرڻ کان پوءِ پاڻي هاڻ مٿي تان گذري چڪو آهي.

عمران خان مهانگائي کي عوام جو سڀني کان وڏو مسئلو بنائي ڇڏيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته قوم فيصلو ڪري وٺي ته جيڪڏهن مهانگائي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت کي گهر اماڻڻو پوندو.

مهانگائي جي خلاف سموري ملڪ جي عوام جيڪڏهن ٻاهر نه نڪتي ته عمران خان جا عوام مٿان حملا نه رڪجندا. بجلي جي 10 هزار روپين تائين جي بلن مٿان 5 ۽ 20 هزار تائين جي بلن مٿان 10 سيڪڙو انڪم ٽيڪس کي رد ڪريون ٿا.

بلاول ڀٽو  چيو ته بجلي جي 30 هزار روپين تائين جي بلن تي 20 سيڪڙو جڏهن ته 40 هزار روپيه تائين جي بلن مٿان 20 سيڪڙو انڪم ٽيڪس مهانگائي جو هڪ نئون طوفان آڻيندو. پيٽرول کان پوءِ بجلي جون قيمتون وڌڻ سان فيڪٽرين جي پيداواري لاڳت ۾ ٿيندڙ اضافو عام ماڻهو جي بجيٽ کي وڌيڪ متاثر ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔