شهباز شريف جو وزيراعظم کي خط، اليڪشن ڪميشن ميمبرن جا نالا تجويز ڪري ڇڏيا

لاهور:پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف اليڪشن ڪميشن کي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه مان 2 ميمبرن جي مقرري لاءِ وزيراعظم عمران خان کي جوابي خط لکي ڇڏيو آهي.

شهباز شريف پاران لکيل خط ۾ اليڪشن ميمبر پنجاب جي لاءِ جسٽس(ر) طارق افتخار، جسٽس(ر) مشتاق احمد جا نالا تجويز ڏنا ويا آهن. پنجاب جي لاءِ محمد جاويد انور، خالد مسعود چوڌري، عرفان قادر ۽ عرفان علي جا نالا به تجويز ۾ شامل آهن.

خيبرپختونخواهه ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري لاءِ سيد افسر شاهه، سردار حسين شاهه ۽ سهيل الطاف جا نالا تجويز ڪيا ويا آهن. 26 آگسٽ تي وزيراعظم عمران خان شهباز شريف کي خط لکي ان کان اليڪشن ڪميشن جي خالي سيٽن جي  لاءِ نالا گهريا هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔