نامياري راڳي استاد فتح علي خان جي طبيعت ۾ سڌارو، وينٽي ليٽر تان هٽايو ويو

ڪراچي: نامياري راڳي استاد فتح علي خان جي طبيعت ۾ سڌارو، وينٽي ليٽر تان هٽايو ويو، خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ استاد فتح علي خان کي ڇهن ڏينهن بعد وينٽي ليٽر تان هٽايو ويو.

استاد فتح علي خان جي پٽ نثار فتح علي خان جو چوڻ آھي تھ والد جي طبيعت ڪجھ بهتر آهي، ڊاڪٽرن موجب دل جي آپريشن ٿيندي.

نثار فتح علي خان موجب آرٽس ڪائونسل جو صدر احمد شاه ثقافت واري وزير جو پيغام کڻي آيو ته اسين مدد ڪنداسين، هن وقت تائين ڪا به مدد ناهي ڪئي وئي.

سنڌ سرڪار ۽ ثقافت کاتي وارا چاهين ٿا ته کين منٿون ڪيون, پر اسين بابا علاج جو پاڻ ڪرائينداسين. سنڌ جي فنڪارن سان ثقافت کاتو ٻه اکيائي ڪري ٿو، ڏکيو وقت گذري ويندو.

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔