پاڪستان جو تاريخي دورو ملتوي ڪندڙ نيوزيلينڊ جي ٽيم اڄ ملڪ واپس رواني ٿيندي

راولپنڊي: پاڪستان جو تاريخي دورو ملتوي ڪندڙ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم اڄ شام جو 6 وڳي خصوصي جهاز ذريعي ملڪ واپس رواني ٿيندي.

گذريل ڏينهن حڪومتي ۽ ڪرڪيٽ بورڊ سميت هر حال ۾ خدشا ختم ڪرائڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي ويون آهن. سيڪيورٽي خطرن جو بهانو بنائي 18 سالن کان پوءِ پاڪستان جو دورو ڪندڙ نيوزيلينڊ جي ٽيم بنا کيڏڻ جي واپس وڃي رهي آهي. مهمان رانديگر اڄ شام 6 وڳي نيوزيلينڊ کان ايندڙ خصوصي اڏام جي ذريعي ملڪ واپس ويندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مهمان رانديگرن کي پاڪستان جي حڪومت ۽ پي سي بي جو مڪمل تعاون حاصل آهي. گذريل ڏينهن نيوزيلينڊ سيڪيورٽي خطرن تي سيريز ملتوي ڪري ڇڏي هئي. ملڪ واپسي جو فيصلو ڪيو هو جنهن تي کيس حڪومتي، ڪرڪيٽ بورڊ سميت سمورن ذريعن کان مطمئن ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي وئي پر سموريون ڪوششون ناڪام ويون.

نئين پي سي بي چيئرمين رميز راجه نيوزيلينڊ جي ان انتهائي قدم تي ڏک جو اظهار ڪندي معاملو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ اٿارڻ جو اعلان ڪيو هو. پاڪ نيوزيلينڊ دوري ۾ 3 ون ڊي ۽ 5 ٽي 20 ميچز شيڊول هئا جنهن جي ملتوي ٿيڻ تي پاڪستان سميت سموري دنيا جا ڪرڪيٽ شوقين ۽ ماهر انتهائي مايوسي جو شڪار ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔