ڪورونا وبا وڌيڪ 63 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، 2500 کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد:  سموري ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 63 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ جي لاءِ 57 هزار 077 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 2512 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي. پنجاب ۾ 4 لک 20 هزار 615، سنڌ ۾ 4 لک 49 هزار 349، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 70 هزار 738، بلوچستان ۾ 32 هزار 722، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 232، اسلام آباد ۾ هڪ لک 3 هزار 923 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 33 هزار 682 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

سموري ملڪ ۾  هينئر تائين هڪ ڪروڙ 67 لک 97 هزار 433 ڄڻن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن  57 هزار 77 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا.   هينئر تائين 11 لک 29 هزار 562 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 5 هزار 117 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 63 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 27 هزار 135 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 12 هزار 365، سنڌ ۾ 7  هزار 243، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 347، اسلام آباد ۾ 899، بلوچستان ۾ 344، گلگت بلتستان ۾ 182 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 728 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔