طالبان فورسز جي گاڏيءَ تي حملو، 3 ڄڻا مارجي ويا، 20 زخمي

ڪابل: افغانستان جي صوبي ننگر هار جي شهر جلال آباد ۾ بم ڌماڪي جون خبرون سامهون آيون آهن. افغان ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڌماڪيدار مادو سڙڪ جي ڪناري تي نصب ڪيو ويو هو جنهن ۾ طالبان فورسز جي هڪ گاڏي کي نشانو بڻايو ويو، حملي ۾ 3 ماڻهو مارجي ويا ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا. مقامي ميڊيا جو چوڻ آهي ته هڪ کان وڌيڪ ڌماڪن جا اطلاع آهن، پر في الحال تصديق ناهي ٿي سگهي. ننگر هار صوبي جي اسپتال جي عملدارن جو چوڻ آهي ته 20 زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال آندو ويو آهي جن مان اڪثر عام شهري آهن. مقامي ميڊيا موجب هن حملي جي ذميواري اڃا تائين ڪا به تنظيم قبول ناهي ڪئي، هي افغانستان ۾ طالبان حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ پهريون حملو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔