جاويد لطيف کي شوڪاز جي لاءِ شھباز شريف پاڻ نواز شريف سان ڳالھايو: ذريعا

مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر جاويد لطيف کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جي لاءِ پارٽي صدر شھباز شريف پاڻ پارٽي قائد نواز شريف سان ڳالھايو. ذريعن موجب جاويد لطيف جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ پارٽي جي گھڻن ئي اڳواڻن جو دٻاءُ بھ ھو ۽ اھا ويڙھھ پھريان ئي کان ھلندي پئي اچي تھ پارٽي اندر ڪنھن جو بيانيو ھلندو. ذريعن جو چوڻ ھو تھ 2018 کان اڳ بھ جاويد ليطيف جي گھڻن ئي سينيئر اڳواڻن سان گھڻن ئي معاملن تي انھيءَ ڳالھھ تي سخت جملن جي ڏي وٺ بھ ٿي ھئي، جاويد ليف جو چوڻ ھو تھ چوڌري نثار، نواز شريف ۽ مريم نواز جي خلاف ڳالھائيندا آھن پر پوءِ بھ اھي انھيءَ ماڻھن کي گھرائي ملندا آھن. ذريعن موجب جاويد لطيف ھاڻ شوڪاز نوٽيس جو جواب ڀرپور انداز ۾ ڏيڻ جي تياري ۾ آھي ۽ اھو نواز جي رھنمائي چاھي ٿو تھ ڪٿي ھن جي جواب سان پارٽي وڌيڪ ڇڪتاڻ نھ وڌي وڃي. ذريعن جو چوڻ آھي تھ جيڪڏھن جاويد لطيف جو جواب مفصل ٿيو تھ انھيءَ ۾ خواجھ آصف ۽ راڻا تنوير جي بيانن جو حوالي ڪو شامل ٿي سگھي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔