جناح اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي کي حراسان ڪرڻ جو انڪشاف

ڪراچي: جناح اسپتال ڪراچي ۾ عورت اسسٽنٽ پروفيسر کي صنفي ۽ لساني بنياد تي حراسان ڪرڻ وارو مامرو سامهون اچي ويو. جناح اسپتال جي ڊاڪٽر نازش بٽ الزام لڳايو آهي ته هن کي ڪيترن ئي مهينن کان لساني بنيادن تي حراسان ڪيو پيو وڃي. ڊاڪٽر نازش بٽ جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي مهينن کان واٽس ايپ ۽ فيس بڪ تي هن جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي جناح اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شاهد رسول جو چوڻ آهي ته اڃا تائين جناح اسپتال انتظاميه کي باضابطه طور تي شڪايت ناهي ملي، خبر نشر ٿيڻ کانپوءِ مامرو سڀني جي سامهون آيو آهي هاڻي هن کي ڏسي رهيا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔