عمر شريف آمريڪا نه وڃي سگهيو، ايئر ايمبولينس لاءِ درخواست ناهي ملي:ايوي ايشن ذريعا

ناليواري ڪاميڊين ۽ اداڪار عمر شريف کي علاج جي لاءِ آمريڪا وڃڻ جي لاءِ ايئر ايمبولينس جي انتظار ۾ آهي.
عمر شريف جي پُٽ جواب عمر خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ٻاهرين ملڪ وڃڻ لاءِ ويزائون ملي ويون آهن جڏهن ته والد جي طبيعت بهتر آهي.
هن چيو ته ايئر ايمبولينس لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ ان حوالي سان معاملا سنڌ حڪومت پاڻ ڏسي رهي آهي.
ٻئي پاسي ذريعن چيو آهي ته عمر شريف جي ٻاهرين ملڪ منتقلي جي لاءِ سول ايوي ايشن اٿارٽي (سي اي اي) جي ايئر ٽرانسپورٽ ڊپارٽمينٽ کي ايئر ايمبولينس جي لاءِ هن وقت تائين درخواست ناهي ملي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايئر ايمبولينس لاءِ جيئن ئي درخواست ملندي تي ترت ڪارروائي ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔