دل جي دوري کان اڳ ظاهر ٿيندڙ علامتون نظرانداز نه ڪرڻ گهرجن

دل جي دوري بابت ته سڀ ڪنهن کي خبر هوندي پر ڇا اها ڪنهن کي خبر آهي ته انساني جسم دل جي دوري کان هڪ مهينو اڳ يا ان کان به پهريون خبردار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي.
ان حوالي سان اسان توهان کي اڄ اهڙيون علامتون ٻڌائينداسين جيڪي دل جي دوري کان ڪيترائي هفتا اڳ ظاهر ٿينديون آهن.
ٿڪاوٽ:
هيءَ هڪ اهڙي علامت آهي جيڪا 70 سيڪڙو دل جي مريض عورتن ۾ ڪيترائي هفتا اڳ سامهون ايندي آهي، غير معمولي حد تائين جسماني ٿڪاوٽ دل جي دوري ڏانهن اشارو ڪري ٿي، جيڪڏهن اها ٿڪاوٽ ڪنهن جسماني يا ذهني سرگرمي جو نتيجو نه هجي ۽ ڏينهن پورو ٿيڻ تي ان ۾واڌ ٿي وڃي ته ان ڏانهن ضرور ڌيان ڏيڻ گهرجي.
اهڙو سُور جيڪو هٿ ۾ پکڙجي وڃي.
دل جي دوري جي هڪ ٻئي علامت اهڙي سُور جي هوندي آهي جنهن جي شروعات جسم جي کڄي حصي کان ٿيندي آهي، اهو سُور سيني کان شروع ٿي جسم جي هيٺين پاسي ڏانهن ويندو آهي ۽ گهڻي قدر مريضن کي هٿ ۾ سُور ٿيڻ جو احساس ٿيندو آهي.
بي خوابي
اها علامت مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن ۾ گهڻي ڏٺي ويندي آهي،صحت جا ماهرن ان علامت کي دل جي دوري يا فالج وغيره جي وڌندڙ خطري جو اشارو قرار ڏيندا آهن، رات جو ننڊ نه اچڻ سان گڏ شديد قسم جي ذهني بيچيني ۽ غير حاضر دماغي سان منهن ڏيڻو پئجي وڃي ته اهو ڳڻتي جوڳو ٿي سگهي ٿو.
دل جي ڌڙڪي ۾ بي ترتيبي
دل جي ڌڙڪڻ ۾ بي ترتيبي اڪثر ڪي پينڪ اٽيڪ ۽ ذهني بيچيني سان گڏ حملو آور ٿيندي آهي. خاص طور تي عورتن ۾ اها اوچتو حملو ڪندي آهي، جيڪڏهن دل جي ڌڙڪڻ ۾ تيزي هڪ يا ٻن منٽن تائين برقرار رهي ۽ ان ۾ گهٽتائي نه اچي، انکانسواءِ دل جي ڌڙڪي جي رفتار ۾ گهٽ وڌ جي ڪري بي خيالي يا ٿڪاوٽ محسوس ٿئي ته ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔