ٻلين ۾ به 7 مختلف شخصيتون ٿين ٿيون: تحقيق

انسانن جيان ٻلين جي شخصيت به هڪ ٻئي کان مختلف هوندي آهي.ان بابت نئين تحقيق مان ڄاڻ ملي آهي ته ٻليون 7 مختلف قسمن جون شخصيتون ۽ طرز عمل رکنديون آهن.
فن لينڊ جي هيلسنڪي يونيورسٽي ۾ ڪيل تحقيق ۾ ٻلين جي طرز عمل تي گڏيل تجزيو ڪيو ويو. جنهن ۾ 26 مختلف نسلن جي 4 هزار 300 کان وڌيڪ ٻيلن جي عادتن بابت ڄاڻ ۽ انگن اکرن جو تجزيو ڪيو ويو.
ان تحريڪ جي شريڪ ليکڪا سيلا ميڪولا موجب ٻلي دنيا جو سڀ کان عام پالتو جانور آهي، پر ڪتن کي پسند ڪندڙ کين ڪتن جي ڀيٽ ۾ گھٽ حساس سمجهندا آهن.
تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ڪتن جي ڀيٽ ۾ ٻلين جي طرز عمل ۽ شخصيت بابت هن وقت تائين اسان گھٽ ڄاڻون ٿا جڏهن ته انهن کي وڌيڪ ڄاڻڻ جي ضرورت آهي.
تحقيق مان خبر پئي ته ٻلين ۾ شخصيت ۽ ڪردار جي حوالي سان 7 خاصيتن ۾ سرگرمي ۽ خوش مزاجي، خوف زده ٿيڻ، انسانن تي حملو ڪرڻ، انسانن سان ميل جول، ٻين ٻلين سان ملي جلي وڃڻ، رهڻ جي جاءِ تي گندگي پکيڙڻ شامل آهن.
ان مطالعي جي سربراهه پروفيسر هينسين لوهي جو چوڻ آهي ته سڀ کان وڌيڪ خوف زده رهندڙ ٻلين ۾ روسي ٻليون جڏهن ته سڀ کانگھٽ خوف زده ٻلين ۾ ايبي سينيئن نسل جو ٻليو شامل آهن.
اهڙيءَ طرح بينجل ٻلي کي سڀ کان وڌيڪ متحرڪ جڏهن ته فارسي ( پرشين) ۽ ايگزوٽڪ نسل جي ٻلين کي سڀ کان سست سمجهيو ويندو آهي.
سيامي ۽ بولونيائي (بولونيز) ٻليون ٻين جي مقابلي ۾ پاڻ کي وڌيڪ تيار ڪرڻ جون شوقين هونديون آهن.
دنيا ۾ ٻلين جو سڀ کان وڌيڪ ناياب نسل ( ٽرڪش) انسانن تي حملو ڪندڙن کان علاوه ٻين ٻلين سان گڏجڻ به پسند ناهي ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔