افغانستان ۾ افراتفري ۽ انساني بحران سان پاڙيسري متاثر ٿيندا: وزيراعظم

ڪراچي : وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي واحد صورت هڪ گڏيل حڪومت آهي، افغانستان ۾ افراتفري ۽ انساني بحران سان پاڙيسري متاثر ٿيندا.

 وزيراعظم عمران خان روسي ٽي وي کي انٽرويو دوران چيو آهي ته طالبان ٻن ڏهاڪن کان گهڻو ڪجهه سکيو آهي ۽ هو تبديل ٿي ويا آهن، پاڪستان کي افغان سرزمين تان دهشتگردي جو خطرو آهي، 3 دهشتگرد گروهه اڳ ئي افغان سرزمين استعمال ڪندي پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائي رهيا آهن.

ڀارت پروپئگنڊا ڪري رهيو آهي، پاڪستان اهڙي جنگ ۾ ڪيئن مدد مهيا ڪري ها، جيڪا امريڪا تي حاوي ٿي وئي، ڇا پاڪستان افغان فوج کي ويڙهه کان روڪيو هو، طالبان حڪومت کي قبول ڪرڻ انتهائي اهم قدم هوندو.

ٻئي پاسي آر ٽي عربي سروس کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جو سربراهه اجلاس هن لحاظ کان اهم آهي، ڇو ته هن ۾ افغانستان جي تقريبن سمورا پاڙيسري ملڪ شريڪ آهن، پوري خطي لاءِ هن وقت افغانستان سڀ کان اهم موضوع آهي.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ ڪنهن به تڪرار جو اثر تيل جي قيمتن ۾ نه پوندو، ڇو ته اڳ ۾ ئي ڪورونا وبا ۽ سپلاءِ جي ڪمي جي ڪري پيٽروليم شين جو قيمتون وڌي ويون آهن، مهانگائي ترقي يافته ملڪن کي به بري طرح متاثر ڪري رهي آهي.

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔