اسنٽاگرام استعمال ڪندڙ ننڍي عمر جي ڇوڪرين بابت وڏو انڪشاف

سان فرانسسڪو: انسٽاگرام جي مالڪ ڪمپني فيس بڪ اعتراف ڪيو آهي ته هنن جي ايپ ”انسٽاگرام“ خاص ڪري ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي دماغ تي ناڪاري اثر وجهي رهي آهي ڇو جو ان ۾ جسماني هيٺاهين مٿانهين ۽ چهري تي زور ڏنو ويندو آهي. انسٽاگرام چيو آهي ته هو ان رجحان کي گھٽ ڪرڻ ۽ واهپيدارن کي ظاهري جسماني ڪيفيتن تي ڌيان ڏيڻ جي حوصله شڪني ڪندو .
وال اسٽريٽ جرنل اخبار ۾ ڇپيل هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل ٽن سالن کان فيس بڪ جي ماهرن 2012 ۾ خريد ڪيل انسٽاگرام تي تحقيق ڪري رهيا هئا. ان جو خلاصو اهو آهي ته فوٽو شيئرنگ ايپ ننڍي عمر جي ڇوڪرين تي ”زهريلا اثر“ وجهي رهي آهي. ايتري تائين جو اهو پليٽ فارم باڊي اميج ۽ ظاهري طور ڇوڪرين کي دماغي ۽ نفسياتي مريض بڻائي رهيو آهي.
رپورٽ موجب برطانيا ۾ 13 سيڪڙو ۽ آمريڪا ۾ 6 سيڪڙو ڇوڪرين چيو ته کين انسٽاگرام ڏسڻ کان پوءِ پنهنجي زندگي ختم ڪرڻ جو خيال آيو. يعني انسٽاگرام سان سلهاڙيل هجڻ بعد گڏيل طور تي هر ٽن مان هڪ ننڍي عمر جي ڇوڪري پنهنجي جسماني رويي مان مطمئين نظر نه آئي.
پر انسٽاگرام ۾ عوامي پاليسي جي سربراهه ڪرينه نيوٽن چيو ته جيتوڻيڪ ڪجهه ماڻهو انسٽاگرام تي ناڪاري تجربن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن ته ٻي پاسي محروم طبقو ايپ ذريعي پنهنجي پيارن ۽ گھرڀاتين سان جڙيل آهن.
فيس بڪ موجب هنن جو ادارو ننڍي عمر جي ڇوڪرين ۾ پيچيده ۽ ڏکين مسئلن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڪمپني چيو ته هو ان مسئلن جي حل ۾ مدد فراهم ڪندا.
رپورٽ موجب ننڍي عمر جون ڇوڪريون پنهنجي ڀيٽ ٻين سان ڪن ٿيون. مثلا ڪا قيمتي شيءِ يا دولت جي نمائش ڪندڙن سان پنهنجي ڀيٽ ڪن ٿيون ۽ ائين اداس رهڻ لڳن ٿيون. انسٽاگرام موجب تحقيق ۾ شامل رضاڪارن کي چيو ويو ته هو ان قسم جي رجحان کان هٽي ڪري ٻين هاڪاري شين ۽ موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ۽ پوسٽ ڪن. ڪرينه نيوٽن موجب انسٽاگرام جي سمموري ڪلچر کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
پر فيس بڪ جي تحقيق بابت مارڪ زڪربرگ سان گڏ ٻين سربراهن کي به آگاهه ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔