عمر شريف ۽ سندس گهر ڀاتين کي آمريڪا جا ويزا جاري ٿي ويا

ڪراچي: وزيراعظم جي صلاحڪار شهباز گل چيو آهي ته ليجنڊ اداڪار عمر شريف ۽ ان جي گهر ڀاتين کي آمريڪا جا ويزا جاري ٿي ويا آهن.شهباز گل سوشل ميڊيا تي جاري پنهنجي بيان ۾ بڌايو ته عمر شريف ۽ سندس گهر ڀاتين کي آمريڪا جا ويزا اشو ٿي ويا آهن. شهباز گل چيو ته عمر شريف پنهنجي علاج جي لاءِ گهر ڀاتين سان گڏ جلد آمريڪا جي لاءِ روانو ٿيندو.شهباز گل چيو ته عمر شريف ۽ ان جي گهر ڀاتين پاران تعاون تي وزيراعظم پاڪستان عمران خان سندن ٿورو ادا ڪيو ۽ وزيراعظم به دعاگو آهي ته رب پاڪ اداڪار عمر شريف کي جلد کان جلد صحتياب ڪري.ٻئي طرف ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته عمر شريف کي کڻي وڃڻ جي لاءِ ايئر ايمبولينس به سڀاڻي تائين ڪراچي پهچي ويندي. ڪجهه دير ۾ عمر شريف ۽ ان جي گهر ڀاتين کي پاسپورٽ ملي ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔