صحت ۽ تعليم کاتن جي 420 ڊاڪٽرز ۽ هيڊ ماسترز توڙي پروفيسرز جون ترقيون

ڪراچي ؛ سنڌ حڪومت مختلف کاتن ۾ ترقيون ماڻيندڙن جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. صحت، اسڪول ايجوڪيشن ۽ ڪاليج ايجوڪيشن کاتن جي 420 ڊاڪٽرن ۽ هيڊ ماستر توڙي پروفيسر کي 19هين گريڊ ۾ ترقيون ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب سينيئر ميڊيڪل سرجن طور 19هين گريڊ ۾ 16 ڄڻن کي ترقيون ڏنيون ويون، صحت کاتي جي 32 فيميلز کي سينيئر وومين ميڊيڪل آفيسر طور 19هين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي. ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي 21 ميل ۽ 8 فيميل کي 19هين گريڊ ۾ چيف ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن طور ترقي ڏني وئي، اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي 183 ميل ۽ 111 فيميلز کي ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ پرنسپال طور 19هين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي. ايجوڪيشن کاتي جي 25 ميل هيدماسترن کي سينيئر هيڊ ماستر طور 19هين گريڊ ۽ 24 فيميلز کي پڻ سينيئر هيڊ ماستر طور ترقي ڏني وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔