ميڊيا اٿارٽي بابت حڪومتي تجويزون صحافتي تنظيمن رد ڪري ڇڏيون، گڏيل ڪاميٽي قائم

اسلام آباد: سڌ سماءَ وزارت پارليامينٽ جي ڪاميٽي ۾ پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ بابت پهريون ڀيرو 20 تجويزون لکت ۾ پيش ڪري ڇڏيون، صحافتي تنظيمن اٿارٽي جي قيام واري تجويز کي رد ڪري ڇڏيو، حڪومت ۽ صحافتي تنظيمن جي گڏيل ايڪشن ڪاميٽي قائم ڪئي وئي تفصيل موجب ڪالهه قومي اسيمبلي جي خصوصي ڪاميٽي جو اجلاس ڪنوينر مريم اورنگزيب جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي حڪومت پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان ٻن صفحن تي ٻڌل 20 نقاطي تجويزون پيش ڪيون، تجويزن ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته حڪومت پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا)، پريس ڪائونسل آف پاڪستان، سينٽرل بورڊ آف فلم سينسر، پريس رجسٽريشن آفيس، آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن (اي بي سي)، نيوز پيپر ايمپلائيز ٽربيونل (آءِ ٽي اين اي) جا سمورا مامرا پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي کي ڏيڻ چاهي ٿي، ان کانسواءِ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا آرڊيننس 2007ع، موشن پڪچر آرڊيننس 1979ع، پريس ڪائونسل آف پاڪستان آرڊيننس 2002ع، پريس، نيوز پيپرز، نيوز ايجنسيز ۽ بوڪ رجسٽريشن آرڊيننس 2002ع، نيوز پيپرز ايمپلائيز (سروس جا شرط) ايڪٽ 1973ع کي ختم ڪري اهي مامرا به پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي کي ڏيڻ جي تجويز آهي، ان اٿارٽي کي نوان لائسنس ڏيڻ، رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ، ڊڪليئريشن، اين او سي، اليڪٽرانڪ پرنٽ ميڊيا فلم ۽ ڊجيٽل ميڊيا کي اين او سي ڏيڻ جا اختيار ڏيڻ جي تجويز آهي، اٿارٽي چيئرمين کانسواءِ 12 ميمبرن تي ٻڌل هوندي، جن مان 6 ميمبر نجي سيڪٽر مان هوندا، ان اٿارٽي جي قانون تحت ميڊيا ڪمپلينٽ ڪميشن قائم ڪرڻ جي به تجويز آهي جنهن کي ڪنهن کي به طلب ڪرڻ جو اختيار هوندو، اها ڪميشن لکت ۾ درخواست جي 21 ڏينهن اندر مناسب ڪارروائي کي يقيني بنائيندي، ان کي جرمانو لاڳو ڪرڻ، لائسنس جي معطلي جا اختيار هوندا، ميڊيا ٽربيونل به قائم ٿيندا، جنهن جو چيئرمين هاءِ ڪورٽ جي جج ٿيڻ جي اهليت رکندڙ ٿي سگهندو، ٽربيونل جي فيصلي کان متاثر 30 ڏينهن اندر اپيل داخل ڪري سگهندا، اپيل جو فيصلو 21 ڏينهن ۾ ٿيندو، ان اٿارٽي کي سوشل ميڊيا جي مامرن کي ڏسڻ جو به اختيار هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔