سائنسدانن ٿولهه جو بنيادي سبب دريافت ڪري ورتو جيڪو وڌيڪ کائڻ نه آهي

هونئن ته ماڻهو چوندا آهن ته گھڻو کائڻ ماڻهن کي ٿولهه جو شڪار بڻائي ٿو.
ضرورت کان وڌيڪ کائڻ ٿولهه جو بنيادي سبب نه آهي پر ماڻهن جي غذائي چونڊ ان حوالي سان اهم ترين ڪردار اداري ڪري ٿي.
اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيل هڪ نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
واضح رهي ته ٿولهه سبب دل جي مرضن، فالج، شگر ٽائيپ ٽو ۽ ڪينسر جي مخصوص قسمن جو خطرو وڌي ويندو آهي.
بوسٽن چلڊرنز اسپتال ۽ هارورڊ ميڊيڪل اسڪول جي ان تحقيق ۾ اهو ڄاڻڻ جي ڪوشس ڪئي وئي ته ماڻهو ٿولهه جو شڪار ڇو ٿيندا آهن ۽ دريافت ڪيو ويو ته غير معياري غذا ۽ پراسيس ڪاربوهائڊريٽس جي چونڊ ٿولهه جو سبب بڻجي ٿي.
محققن ڪاربوهائڊريٽ. انسولين ماڊل کي به تجويز ڪيو جڏهن ته ٿولهه جي سببن جي وضاحت ڪئي.
هنن چيو ته هن وقت موجود توانائي بيلنس ماڊل سان جسماني وزن ۾ واڌ جي سببن جي وضاحت نٿي ٿي سگھي.
ماهرن جو چوڻ هو ته ننڍي عمر ۾ ٺهندڙ ڪيلوريز جو مقدار هڪ هزار تائين پهچي سگھي ٿو، پر ڇا ضرورت کان وڌيڪ کائڻ واقعي ٿولهه جو سبب بڻجي ٿو؟
محققن جي تجويز ڪيل نئين ماڊل ۾ ٿولهه جو سبب موجوده دور جي غذائي چونڊ کي قرار ڏنو ويو اهڙين غذائن جو وڌيڪ استعمال ٿيندو آهي جيڪي پراسيس ۽ گھڻي تيزي سان هضم ٿيندڙ ڪاربوهائڊريٽس تي ٻڌل هونديون آهن.
هنن ٻڌايو ته اهي غذائون هامونز رد عمل جو سبب بڻجي ميٽابولزم ۾ تبديليون آڻين ٿيون جنهن جي ڪري جسم ۾ چرٻي جو ذخيرو ٿيڻ لڳندو آهي ۽ ان جو نتيجو جسماني وزن ۾ واڌ ۽ ٿولهه جي شڪل ۾ نڪرندو آهي.
محققن وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن اسان گھڻا پراسيس ڪاربوهائڊريٽس کائيندا آهيون ته جسم ۾ انسولين خارج ٿيڻ جو عمل وڌندو آهي ۽ گلوڪوز جو خارج ٿيڻ بند ٿي ويندو آهي، جنهن سبب چرٻي جي جيوگھرڙن کي وڌيڪ ڪيلوريز ذخيرو ڪرڻ جو سگنل ملندو آهي، مسلز ۽ ميٽابولڪ متحرڪ ٽشوز لاءِ دستياب ڪيلوريز گھٽجي ويندا آهن.
تحقيق موجب جڏهن جسم کي مناسب مقدار ۾ توانائي حاصل ناهي ٿيندو ته ان جي رد عمل ۾ دماغ بک جو احساس وڌائي ڇڏيندو آهي، جسم طرفان فلن لاءِ گھربل ٻارڻ کي محفوظ رکڻ جي ڪوشس سان ميٽابولزم جي رفتار سست ٿي ويندي آهي، جنهن سان به کائڻ کان پوءِ بک جو احساس وڌي ويندو آحي ڀلي جسم ۾ واڌو چرٻي ئي ڇو جمع ٿي وڃي.
ماهرن ٻڌايو ته غذا جو گھٽ مقدار ڊگھن بنيادن تي جسماني وزن ۾ گھٽتائي ناهي آڻيندو،
ڪاربوهائڊريٽ-انسولين مادل ۾ تجويز ڪيو ويو آهي ته وڌيڪ ڌيان ان ڳالهه تي ڏيو وڃي ته اسان ڇا کائيندا آهيون.
سندن چوڻ هو ته گھڻي تيزي سان هضم ٿيندڙ ڪاربوهائڊريٽس بدران سڻڀ ۽ صحت لاءِ فائديمند غذائن جي چونڊ ڪرڻ جسم ۾ چرٻي جي زخيري کي گھٽ ڪندو آهي، جنهن سان جسماني وزن ۾ گھٽتائي ايندي آهي جڏهن ته بک به گھٽ لڳندي آهي.
ان تحقيق جا نتيجا طبي ريسالي آمريڪن جرنل آف ڪلينيڪل نيوٽريشن ۾ ڇپيل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔