طالبان قيادت جو پاڻ ۾ جهيڙو؟ انس حقاني جو بيان سامهون اچي ويو

ڪابل : افغانستان جي نائب وزيراعظم ملا عبدالغني بردار ۽ خليل حقاني وچ ۾ مبينا جهيڙي بابت طالبان اڳواڻ انس حقاني جو اهم بيان سامهون اچي ويو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي وڊيو پيغام ۾ طالبان اڳواڻ انس حقاني چيو ته طالبان جي ٻن ڌڙن ۾ جهيڙي بابت خبرو پروپيگينڊا آهن. طالبان قيادت ۾ اختلاف جون خبرون بي بنياد آهن.
هن چيو ته دشمنن جي سازش ان اتحاد کي ڪو به نقصان نٿي پهچائي سگھي، اسان متحد آهيون، اسلامي ۽ افغان قدرن جو احترام ڪيون ٿا.
سندس چوڻ هو ته اسان افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي آڻڻ لاءِ متحد آهيون.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن بي بي سي جي پشتو سروس دعويٰ ڪئي هئي ته ڪجهه ڏينهن اڳ صدارتي محل ۾ نائب وزيراعظم ملاعبدالغني بردار ۽ خليل حقاني وچ ۾ ڏند چڪ ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔