ڪراچي يونيورسٽي ۾ نفسيات شعبي جي اهتمام هيٺ فلم فيسٽيول جو انعقاد

ڊاڪٽر عمير هارون چيف جج طور خدمتون سرانجام ڏنيون

ڪراچي: ڪراچي يونيورسٽي جي نفسيات شعبي پاران فلم فيسٽيول منعقد ڪيو ويو۔ تقريب جا خاص مهمان ڪراچي  يونيورسٽي جا وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خالد عراقي هئا۔ پروگرام جي سرپرستي پروفيسر ڊاڪٽر انيلا امبر ڪئي، جڏهن تہ ڊاڪٽر امبرين ۽ ارتضيٰ صديقي گڏيل منتظمين طور ذميواريون نڀايون۔

تقريب دوران وائيس چانسلر ڊاڪٽر خالد عراقي، وائس آف سنڌ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عمير هارون ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ توقير احمد کي يادگاري شيلڊون پيش ڪيون۔ ٻين شيلڊ حاصل ڪندڙن ۾ وائيس آف سنڌ جا ڊپٽي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر دانيال جيلاني ۽ ڪامرا‌ن جاويد به شامل هئا۔

ڊاڪٽر خالد عراقي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اهڙن قسمن جا پروگرام معاشري ۾ موجود محرومين ۽ مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا۔ هن شاگردن طرفان گهريلو ۽ سماجي مسئلن کي فلمي انداز ۾ پيش ڪرڻ کي ساراهيو۔ هن چيو ته ڪراچي يونيورسٽِي جي مختلف شعبن جي شاگردن پنهنجيون فلمون تيار ڪري جيوري آڏو پيش ڪيون آهن، جنهن سان نه رڳو سماجي مسئلا نمايان ٿيا پر نوجوانن جي تخليقي صلاحيتن جي به حوصلا افزائي ٿي۔

هن وڌيڪ چيو ته انسان هڪ سماجي مخلوق آهي، ۽ مٿس ٿيندڙ سڀ کان وڏي اذيت جسماني نه پر نفسياتي هوندي آهي۔ هن صحت جي عالمي اداري جي تازي رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته دنيا ۾ لڳ ڀڳ 970 ملين ماڻهو ذهني ۽ نفسياتي مسئلن ۾ مبتلا آهن، جن مان 52.4 سيڪڙو عورتون ۽ 47.6 سيڪڙو مرد شامل آهن۔

ڊاڪٽر عمير هارون هن فلم فيسٽيول ۾ چيف جج طور خدمتون سرانجام ڏنيون۔ پنهنجي اختتامي خطاب ۾ هن چيو ته فن جا ٻه قسم هوندا آهن — هڪ اهو جيڪو ڪنهن مقصد لاءِ هوندو آهي ۽ ٻيو اهو جيڪو صرف فن لاءِ هوندو آهي، ۽ هو ذاتي طور فن جي ٻئي قسم کي وڌيڪ پسند ڪن ٿا۔

هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن شهر جي سڃاڻپ ان جي عمارتن، نشانيَن يا جاگرافيءَ ۾ نه پر انهن ماڻهن ۾ هوندي آهي، جيڪي اتي رهن ٿا۔ هن فخر سان چيو ته ”مان ان شهر ۾ رهان ٿو جتي ڊاڪٽر اديب رضوي، عبدالستار ايڌي ۽ پروفيسر انيلا امبر جهڙا ماڻهو رهن ٿا۔“ ڊاڪٽر عمير هارون پروفيسر انيلا امبر جي سماجي خدمتن کي به خراجِ تحسين پيش ڪيو۔

تقريب جي آخر ۾ پروفيسر ڊاڪٽر انيلا امبر، ڊاڪٽر عمير هارون، توقير احمد ۽ دانيال جيلاني فلم مقابلي جي فاتحن ۾ انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا۔

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔