واشنگٽن: پاڪستان کي معاشي محاذ تي وڏي ڪاميابي ملي وئي آهي، جتي عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) توسيعي فنڊ سهولت(اي ايف ايف) جي تحت پاڪستان سان 1.2 ارب ڊالر جي قرض پروگرام تي اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
معاهدي تي حتمي فيصلو هاڻ آءِ ايم ايف جو ايگزيڪٽو بورڊ جي منظوري سان مشروط آهي، جنهن کان پوءِ پاڪستان کي اها رقم جاري ڪئي ويندي. آءِ ايم جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان جو معاشي استحڪام لاڳيتو بهتر ٿي رهيو آهي. مارڪيٽ جو اعتماد بحال ٿيو آهي. 14 سالن کان پوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ۾ آيو آهي. اداري چيو ته مالي سال 2025 ۾ پاڪستان جو مالي توازن پروگرام حدف کان بهتر رهيو،
آءِ ايم ايف حڪومت طرفان توانائي، مالي نظم وضبط ۽ ساختي اصلاحات جي ايجنڊا کي بهتر طريقي سان اڳيائن وڌائڻ جي ارادن جو اعتراف ڪندي چيو ته ماحولياتي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جامع پاليسين تي تسلسل سان عمل ضروري آهي. خاص طور تي تازي ٻوڏ جي حوالي سان جن ۾ لکين ماڻهو متاثر ٿيا ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون.
ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب معاهدي جي تصديق ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف مشن سان تعميري ڳالهيون جاري رهيون، اهو معاهدو پاڪستان جي معيشت جي لاءِ ڀروسي جي نشاني آهي. هن چيو ته 7 ارب ڊالر جي اي ايف ايف ۽ 1.4 ارب ڊالر جي ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبيلٽي ٽرسٽ تي به جائزي جو امڪان آهي.
ناڻي واري وزير ٻڌايو ته پاڪستان هلندڙ سال جي اختتام کان اڳ پهريون گرين پانڊا بانڊ جاري ڪندو. جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ گهٽ م گهٽ هڪ ارب ڊالر جو بانڊ ايندڙ سال جاري ڪرڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته يورو، ڊالر ۽ سڪوڪ سميت سمورا آپشن غور هيٺ آهن.
هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جو نجڪاري پروگرام ايندڙ مالي سال ۾ تيزي سان اڳيان وڌندو. انهي حوالي سان قومي ايئر لائين پي آءِ اي ۽ 3 بجلي ورهاست ڪار ڪمپنين جي وڪروبابت به نمايان اڳڀرائي ٿئي آهي. يورپ ۽ برطانيه جي لاءِ اڏامن جي بحالي کان پوءِ پنج عالمي گروپن پي آءِ اي ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.