اسلام آباد: پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي قانون ۽ انصاف بابت قائمه ڪميٽين جو آچر ڏينهن گڏيل اجلاس ٿيو جنهن ۾ تجويز ڪيل 27هين آئيني ترميم جي بل جي مختلف شقن تي بحث ڪري ڪجهه ڦير ڦار بعد بل جو متن منظور ڪري ڇڏيو. اها ڳالهه سينيٽ جي قانون ۽ انصاف واري ڪميٽي جي چيئرمين فاروق حميد نائيڪ اجلاس جي پڄاڻي تي صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌائي. هن چيو ته ٻنهي ايوانن جي ميٽين جي گڏيل اجلاس ۾ مونکي ۽ اعظم نذير تارڙ کي اهو اختيار ڏنو آهي ته ڪجهه شقن ۾ اسين ترميم ڪري سگهون ٿا ۽ ان لاءِ ضروري ناهي ته اسين ڪميٽين جي ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺون. اعظم نذير تارڙ ان موقعي تي چيو ته اسين ڪميٽي جي رپورٽ سومر تي سينيٽ ۾ پيش ڪنداسين. تارڙ هڪ سوال جي جواب م چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي جي ترميمن بابت غور ڪريون ٿا. هڪ سوال تي تارڙ چيو ته ڪميٽي جي ميمبر پارٽين کي بائيڪاٽ بدران پنهنجي ووٽ جي طاقت جو مظاهر ڪرڻ گهرجي.شق 243 ۾ ترميم جي منظوري ڏني وئي . ذريعن جو چوڻ آهي ته فيلڊ مارشل کي ٽنهي هٿياربند فوجن جو گڏيل سربراهه مقرر ڪرڻ، صدر ۽ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن کي تاحيات ڪيسن يعني احتساب کان آجو قرار ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي هئي. ان ۾ وزيراعظم کي به تاحيات احتساب کان آجو قرار ڏيڻ جي تجويز حڪومت پيش ڪئي هئي جيڪا وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي واپس ورتي وئي. وزيراعظم هڪ بيان ۾ چيو هو ته هو پاڻ کي عوام آڏو جوابده سمجهي ٿو ۽ هنکي استثنا نه گهرجي. ڪالهه ڇنڇر تي آئين ۾(ستاويهين ترميم) ايڪٽ، 2025 جو بل وفاقي ڪابينا جي منظوريءَ کان ڪجهه ڪلاڪن بعد سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو هو، جنهن تي اپوزيشن طرفان ترميمن جي رفتار ۽ دائري تي سخت گوڙ ۽ احتجاج ڪيو ويو هو. هن بل ۾ وفاقي آئيني عدالت (ايف سي سي) جو قيام، هاءِ ڪورٽ ججن جي تقرريءَ جي عمل ۾ تبديليون، صوبائي ڪابينا جي حد وڌائڻ ۽ فوجي قيادت جي ڍانچي ۾ تبديليون تجويز ڪيون ويون هيون. سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت قائمه ڪميٽيءَ جي چيئرمين سينيٽر فاروق ايڇ. نائيڪ ۽ قومي اسمبليءَ جي پينل جي هم منصب ايم اين اي چوڌري محمود بشير ورڪ اڄوڪي اجلاس جي گڏيل صدارت ڪئي. قائمه ڪميٽيون هاءِ ڪورٽ ججن جي بدلين جو ميڪانزم به پاڪستان جي جوڊيشل ڪميشن (جي سي پي) ذريعي حتمي ڪرڻ جو امڪان آهن. هڪ عمل جنهن ۾ بدلي ٿيندڙ ججن جي رضامنديءَ جي ضرورت نه هوندي. جيڪو جج بدلي وارو حڪم نه مڃيندو، اهو رٽائر سمجهيو ويندو. ٻنهي ڪميٽين جي گڏيل بند ڪمري واري اجلاس ۾ ڪالهه تجويز ڪيل آئيني ترميمي بل جو لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو حصو ڪليئر ڪيو ويو هو. جنهن ۾ عدالتي سڌارن جي پيڪيج جون اڪثر شقون شامل هيون. پر آئين جي آرٽيڪل 243 (هٿيار بند فوجن جي گڏيل ڪمانڊ) تحت فيلڊ مارشل جي حيثيت تي بحث اڄ لاءِ ملتوي ڪيو ويو هو جيڪو اڄ ڪليئر ڪيو ويو. پي ٽي آءِ، جميعت علماءِ اسلام-فضل (جي يو آءِ-ايف) ۽ مجلس وحدت المسلمين (ايم ڊبليو ايم) جي قانون سازن اڄ به پارلياماني ڪميٽيءَ جو باڪاٽ جاري رکيو. وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ ۽ رياستي وزير قانون ۽ انصاف بئريسٽر عقيل ملڪ اڄوڪي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ شامل هئا. نائب وزيراعظم ۽ پي ايم ايل-اين اڳواڻ اسحاق ڊار مختصر عرصي لاءِ اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. پي ايم ايل-اين جو سينيٽر خليل طاهر سنڌو، عوامي نيشنل پارٽي (اين پي) جو هدايت الله خان، ۽ پي پي پي ايم اين ايز قاسم گيلاني ۽ سيد ابرار علي شاھ به گڏيل اجلاس ۾ شريڪ هئا، جڏهن ته پي ايم ايل-اين ايم اين اي شمائله رانا ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. ”قانون ۽ انصاف بابت پارلياماني ڪميٽيءَ جو ٻيو ڏينهن،“ گيلاني ايڪس تي لکيو. ٻئي پوسٽ ۾ هن خلاصو ڏيندي چيو ته 27هين آئيني ترميم ”بنيادن تي 5 اهم شعبن کي ڇهندي: وفاقي آئيني عدالت جو قيام، ججن جي منتقلي (آرٽيڪل 200)، خيبرپختونخوا سينيٽ اليڪشن جي انحراف کي درست ڪرڻ، [ٻه سيڪڙو] ننڍن صوبن جي گهر تي ڪابينا سائيز وڌائڻ (آرٽيڪل 130(6))، [۽] آرٽيڪل 243 ۾ دفاعي خدمتن ۽ صدر جي استثنيٰ بابت ترميمون شامل آهن. پي پي جي قانون دان موجب ”ٻيون سڀ تبديليون رڳو نتيجي ۾ آهن،“. اجلاس جي وچ ۾ شرڪت ڪندڙن وقفو ورتو، جنهن دوران نائيڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ”ٽن نقطن تي بحث مڪمل ڪرڻو هو — هڪ هاءِ ڪورٽ کان ٻي هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيسن جي منتقلي، هاءِ ڪورٽ کان ٻي هاءِ ڪورٽ ججن جي بدلين ۽ آرٽيڪل 243 (مسلح فوجن جي ڪمانڊ).“ هن چيو ته انهن معاملن تي بحث لنچ کان پوءِ ٻيهر شروع ٿيندو، ۽ ججن ۽ ڪيسن جي منتقليءَ بابت ڪجهه اعتراض اٿاريا ويا آهن. ”هن بابت بحث جاري آهي ۽ اميد آهي ته اتفاق راءِ ٿي ويندو،“ . اڄوڪي اجلاس کان اڳ، نائيڪ صحافين کي ٻڌايو ته بل جون سڀ شقون اڄ بحث هيٺ اينديون. حڪمران اتحادين جي تجويزن ۽ ”ٻن جماعتن جي صدر ۽ وزيراعظم لاءِ استثنيٰ تي آمهون سامهون ٿيڻ“ بابت پڇيل سوال تي، پي پي پي سينيٽر تصديق ڪئي ته سڀني جماعتن کي پنهنجو رايو ڏيڻ جو حق آهي. نائيڪ چيو ته پي ايم ايل-اين ۽ متحدہ قومي موومينٽ-پاڪستان (ايم ڪيو ايم-پي) جون تجويزون اڄوڪي اجلاس ۾ غور هيٺ اينديون، ”اڪثريت جي راءِ تي فيصلا ڪيا ويندا.“ ٻئي وقفي دوران،اي اين پي جي هدايت الله خان صحافين کي ٻڌايو ته ڪميٽي خيبرپختونخوا جو نالو تبديل ڪرڻ جي سندس جماعت جي تجويز تي فيصلو ڪرڻ لاءِ سڀاڻي تائين وقت گهريو هو. ان دوران، قانون جي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته خيبرپختونخوا جو نالو تبديل ڪرڻ واري شق تي بحث ٿيو ته صوبن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. ايم ڪيو ايم-پي، جي لوڪل گورنمينٽ بابت تجويز تي به بحث ٿيو. هن ٻڌايو ته هاڻ شرڪت ڪندڙن کي ”پنهنجي جماعتن جي قيادت سان صلاح مشوري لاءِ وقت ڏنو ويو آهي.“ مملڪتي وزير داخله طلال چوڌري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪميٽين جا سڀ فيصلا سينيٽ ۾ رپورٽ جي صورت ۾ پيش ڪيا ويندا. جي يو آءِ-ايف جي غير موجودگيءَ بابت، قانون جي وفاقي وزير چيو ته ان جي ميمبرن ڪالهه ڪميٽي کي پنهنجي جماعت جي پاليسيءَ بابت ٻڌايو هو. هن چيو ته پارلياماني جماعتن کي بائيڪاٽ ڪرڻ بدران ووٽ جي حق جو استعمال ڪرڻ گهرجي. اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان (ٽي ٽي اي پي)، جنهن ۾ پي ٽي آءِ شامل آهي، 27هين ترميم جي خلاف ملڪ گير احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪيو آهي، عوام کي آئين ۾ ”انتهائي اونداهي ۽ خطرناڪ“ تبديليءَ جي خلاف بيهڻ جي اپيل ڪئي آهي. پي ٽي آءِ پارلياماني اڳواڻ بئريسٽر علي ظفر جو چوڻ آهي ته اپوزيشن جي نوٽيفائيڊ اڳواڻ جي غير موجودگيءَ ۾ بل تي بحث غير مناسب آهي. هن حڪومت ۽ سندس اتحادين تي ترميمن کي ”جلدي“ ۾ پاس ڪرڻ جو الزام هنيو. ”هي ترميمون 1973 جي آئين جي احتياط سان ٺاهيل طاقتن جي نازڪ توازن کي ختم ڪندي ۽ عدليا جي آزاديءَ کي ڪمزور ڪندي آئيني ڍانچي جي بنيادن تي ڪاري ضرب لڳائين ٿيون.“ حڪومتي ڌرين، پي ايم ايل-اين ۽ پي پي پي 27هين ترميم بل کي مناسب بحث کان سواءِ جلدي ۾ پاس ڪرڻ جي تاثر کي رد ڪيو آهي، سندن چوڻ آهي ته ڊرافٽ ”وسيع جائزي“ مان گذري چڪو آهي. ذريعن موجب حڪومتي ٽن اضافي ترميمن تي سڀاڻي تائين حتمي فيصلو ڪيو ويندو. بلوچستان ۾ صوبائي اسمبليءَ جون سيٽون وڌائڻ جي ترميم تي به حڪومت وڌيڪ وقت گهري ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ترميمن تي سڀاڻي تائين وڌيڪ غور کان پوءِ حتمي فيصلو ڪيو ويندو. ذريعن موجب، زير التوا ڪيسن جي فيصلي جي مدي کي 6 مهينن کان وڌائي هڪ سال ڪرڻ جي ترميم منظور ڪئي وئي آهي. هڪ سال تائين ڪيس جي پيروي نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪيس کي نمٽايل سمجهيو ويندو.
تبصرے بند ہیں۔