ڀارتي گلوڪار جي وزيراعظم عمران خان کان اپيل

ممبئي: ناليواري ڀارتي گلوڪار دلير مهندي جو هڪ بيان جاري ٿيو آهي جنهن ۾ هن پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان کان اپيل ڪئي آهي.
دلير مهندي سوشل ميڊيا تي جاري پنهنجي ۾ عمر شريف سان گذاريل پنهنجي ماضي جون يادون به تازيون ڪيون.
هن چيو ته عمر شريف ۽ مان عمران خان جي شوڪت خانم اسپتال جي فنڊريزنگ ۾ گڏ هئاسين.
بيان ۾ هن جو چوڻ هو ته عمر شريف ڪينسر سوسائٽي لاءِ ڪم ڪرڻ تي وڏو خوش هو پر اڄ هن کي پنهنجي علاج جي سخت ضرورت آهي.
سندس چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان کان اپيل ڪيان ٿو ته توهان آرٽسٽ برادري جي مدد ڪيو.
دلير مهندي وزيراعظم عمران خان کان عمر شريف جي علاج ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔