40 سالن کان نه سمهندڙ چيني عورت

دنيا ۾ ننڊ نه اچڻ هڪ عام بيماري تصور ڪئي پئي وڃيي، ڪجهه ڏينهن يا هفتن تائين ننڊ نه اچڻ جي دعويٰ ڪندي ماڻهو ٿڪن نٿا يا بيماري ۾ ورتل نظر ايندا آهن.
پر حال ئي ۾ چيني ميڊيا تي هڪ عجيب ۽ غريب ڪيس رپورٽ پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هڪ عورت جي دعويٰ آهي ته هو 4 ڏهاڪن کان ستي ئي ناهي، ان جي باوجود ٿڪاوٽ ۽ ننڊ جي ڪمي محسوس نٿي ڪري.
رپورٽ موجب چين جي سينٽرل صوبي هينان سان واسطو رکندڙ عورت ڪالي زينگ دعويٰ ڪئي ته کيس ياد آهي ته هو آخري ڀيرو 5 يا 6 سالن جي عمر ۾ ستي هئي.
رپورٽ موجب عورت جي دعويٰ جي تصديق هن جي مڙس ۽ پاڙيسيرين جي طرفان به ڪئي وئي آهي جن کي آزمائڻ چاهيو پر هو پاڻ سمهي پيا ۽ زينگ جاڳندي رهي.
لي زينگ ننڊ نه اچڻ جي غير معمولي ڪيفيت جي ڪري پنهنجي ڳوٺ زوهنگ مو ۾ هڪ سيليبرٽي بڻجي وئي آهي، لي جي مڙس لي سوڪوئن جو چوڻ آهي ته هن جي زال کي ننڊ جي ضرورت نه آهي، شادي کانپوءِ هن ڏٺو ته زال رات جو سمهڻ جي بجاءِ به ڪم ڪار ڪندي آهي، جنهن تي ڊاڪٽرز کان ڪيترائي ڀيرا چيڪ اپ ڪرايو پر هن جي گهرواري ۾ ڪا به اهڙي شئي نه ملي.
4 ڏهاڪن تائين نه سمهڻ وارو مامرو ان وقت حل ٿيو جڏهن چين جي طبي ماهرين جي هڪ ٽيم 48 ڪلاڪ عورت جي نگراني لاءِ هڪ سينسر جو استعمال ڪيو ۽ ڊاڪٽرز دريافت ڪئي ته لي حقيقت ۾ سمهندي آهي پر اهڙي طرح نه جيئين عام ماڻهو سمهندا آهن.
نگراني جي دوران ڊاڪٽرز دريافت ڪئي ته لي هن دوران بغير اک بند ڪري ۽ بستري تي ليٽڻ جي بنا ئي مڙس سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ دوران سمهي ٿي، ماهرين جو چوڻ آهي ته لي جي هن ڪيفيت کي SLEEP WHEN AWAKE چيو وڃي ٿو جيڪو هڪ اهڙي ڪيفيت آهي جنهن ۾ انسان ستل ته هوندو آهي پر هن جو جسم ۽ اعصاب ٻئي متحرڪ هوندا آهن يعني هو ڳالهه ٻولهه ڪري سگهي ٿو، گهمي ڦري به سگهي ٿو وغيره وغيره….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔