ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري، موذي وائرس وڌيڪ82 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد: ڪورونا وائرس وگهي 82 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 26 هزار  662 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک هڪ هزار 367 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 هزار 480 نوان ڪيس رپورت ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 10 هزار 463، سنڌ ۾ 4 لک 42 هزار 401، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 67 هزار 154، بلوچستان ۾ 32 هزار 517، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 109، اسلام آباد ۾ هڪ لک 2 هزار 94 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 33 هزار 131 ڪيس رپورٽ ٿيا.

سموري ملڪ ۾ هينئر تائين هڪ ڪروڙ 83 لک 47 هزار 597 مريضن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 61 هزار 128 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 10 لک 82 هزار 988 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته 5 هزار 362 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 82 مريض فوت ٿيا جنهن کان پوءِ وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 26 هزار 662 ٿي ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔