سمارٽ فون جي خاتمي ڏانهن اڳڀرائي، فيس بڪ جي سمارٽ عينڪ متعارف

فيس بڪ پنهنجي پهرين سمارٽ عينڪ متعارف ڪرائي ڇڏي آهي جيڪا سوسل ميڊيا نيٽ ورڪ ري بين نالي ڪمپني سان گڏجي تيار ڪئي آهي.
واضح رهي ته فيس بڪ طرفان سمارٽ فونز جي خاتمي لاءِ ڪيتري ئي عرصي کان مختلف ڊوائيسز جي تياري جي منصوبن تي ڪم ڪيو پيو وڃي.
ري بين اسٽوريج سمارٽ عينڪ ڏسڻ ۾ عام عينڪ جهڙي ئي آهي پر ان سان سمارٽ فونز جهڙا ڪيترائي ڪم ڪري سگھجن ٿا.
سمارٽ عينڪ ۾ 5،5 ميگا پڪسل جون 2 ڪيمرائون موجود آهن جن جي ذريعي تصوير ڪڍڻ سگھجي ٿي ۽ وڊيو به رڪارڊ ڪري سگھجي ٿي.
موسيقي ٻڌي سگھجي ٿي جنهن لاءِ فريم اسپيڪرز موجود آهن ۽ اهي ئي اسپيڪرز فون ڪالز ۾ به مدد فراهم ڪن ٿا.
ان عينڪ کي ڪنهن آءِ او ايس يا اينڊرائيڊ سان ڪنيڪٽ ڪرڻو پوندو.
فيس بڪ جي نئين ويو ايپ جي مدد سان ري بين عينڪ ذريعي ڪڍيل تصوير يا وڊيو يا ميڊيا فائيلز کي فون ۾ ٽرانسفر ڪري سگھجي ٿو.
ڪمپني موجب ٻنهي ڪيمرائن جي مدد سان واهپيدار ٿري ڊي افيڪٽس کي تصويرن ۽ وڊيوز ۾ ايپ ۾ اپ لوڊ ڪري ايڊ ڪري سگھن ٿا.
سمارٽ عينڪ جو وزن 50 گرام کان به گھٽ آهي ۽ اهو ليدر هارڊ شيل چارجنگ ڪيس سان گڏ دستياب هوندو.
ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ان ڊوائيس جي بيٽري سڄو ڏينهن ڪم ڪري ٿي.
عينڪ ۾ 2 بٽڻ به آهن جن مان هڪ ميڊيا رڪارڊ ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو ۽ ٻيو آن آف سوئچ آهي.
عينڪ جي سڄي پاسي واري ڪماني ۾ هڪ ٽچ پيڊ آهي جنهن سان مختلف فعل جهڙوڪ واليوم ايڊجسٽ يا فون ڪال رسيو ڪري سگھجي ٿي.
عينڪ ۾ وائٽ ايل اي ڊي وڊيو رڪارڊ ڪندي بلنڪنگ ڪندي جنهن سان ڀرپاسي ۾ موجود ماڻهن کي خبر پئجي ويندي ته وڊيو رڪارڊ ڪئي پئي وڃي.
اها سمارٽ عينڪ واٽر پروف ناهي ان کي پاڻي کان بچائڻو پوندو.
اها سمارٽ عينڪ ري بين جي 3 ڪلاسڪ اسٽائلن ۾ دستياب هوندي ۽ مختلف رنگن ۽ لينس سان گڏ خريد ڪري سگھبي.
حقيقت ۾ان عينڪ کي نظر جي عينڪ طور تي به استعمال ڪري سگھجي ٿو.
فيس بڪ موجب ري بين گلاسز جي قيمت 299 ڊالر (50 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) کان شروع ٿيندي.
اها فيس بڪ جي اي آر ٽيڪنالوجي جي مدد سان سمارٽ فونز دور جي خاتمي طرف پهرين اڳڀرائي آهي.
فيس بڪ جي باني مارڪ زڪربرگ سمارٽ عينڪ کي متعارف ڪرائڻ جي موقعي تي ٻڌايو ته ري بين اسٽوريز ان مستقبل طرف اهم اڳڀرائي آهي جڏهن فونز ماڻهن جي زندگين جو بنيادي حصو نه هوندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔