ورلڊ ڪپ اسڪواڊ، محمد وسيم شوقينن جي ڳڻتي ختم ڪري ڇڏي

لاهور: ايندڙ مهيني کان شروع ٿيندڙ آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪجهه ڏينهن اڳ قومي ٽيم جو اعلان ٿيندي ئي سليڪشن ڪميشن تي سخت تنقيد ڪئي وئي هئي، جيڪو سلسلو اڃا تائين جاري آهي.
اسڪواڊ مان سينيئر رانديگرن کي ڊراپ ڪرڻ تي شوقين نه رڳو چيف سليڪٽر محمد وسيم کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا هئا پر رميز راجا تي مداخلت جو الزام به نه پيو وڃي.
معاملي تي هاڻ قومي ٽيم جي چيف سليڪٽر محمد وسيم جو وضاحتي بيان سامهون اچي ويو آهي.
خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي محمد وسيم چيو ته رميز راجا سليڪشن ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي، هو رڳو ٽيم جي منظوري ڏيندو آهي.
سندس موجب اهو تاثر درست ناهي ته مون کي بورڊ ۾ وسيم اڪرم آندو، ذميواري ملڻ کانپوءِ وسيم اڪرم سان رابطو گهٽجي ويو آهي.
ٽيم ۾ اعظم خان جي سليڪشن جي حوالي سان چيف سليڪٽر چيو ته وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين جي سليڪشن بابت منهنجي معين خان ۽ نديم خان سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽي سگهون ٿا، قومي ٽيم کي ميگا ايونٽ جي سيمي فائنل ۽ فائنل ۾ ڏسي رهيو آهيان.
محمد وسيم جو چوڻ هو ته ضرورت پوڻ تي ورلڊ ڪپ جي ٽيم ۾ تبديليون ڪري سگهجن ٿيون پر في الحال ٽيم ۾ تبديلي جو ناهي سوچيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔