ڪورونا ويڪسين جو وڏو فائدو

سال 2021 شروع ٿيندي ئي سڄي دنيا ۾ ڪورونا ويڪسينيشن هڪ نئون انقلاب برپا ڪري ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ سڄي دنيا ۾ ويڪسينيشن جو سلسلو شروع ڪيو ويو هو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي.
ڪورونا کان بچاءَ لاءِ لڳائي ويندڙ ويڪسين تي ڪيتريون ئي تحقيقون ٿينديون رهن ٿيون، جن جي نتيجي ۾ ڪيترائي نوان ۽ ڄاڻ تي ٻڌل انڪشاف به ٿيندا رهن ٿا.
ان حوالي سان هڪ نئين تحقيق سامهون آئي آهي، جنهن جي نتيجن مان خبر پئي ٿي ته ويڪسينيشن ڪرائڻ کانپوءِ انسان جي ذهني صحت ۾ بهتري اچي ٿي.
ان تحقيق لاءِ سڄي آمريڪا ۾ هزارين ماڻهن کي سروي فارم موڪليا ويا هئا ته جيئن وبا سان ذهني صحت تي پوندڙ اثرن جو جائزو وٺي سگهجي.
شروعاتي نتيجن کانپوءِ محققن طرفان هر ٻن هفتن کانپوءِ انهن ماڻهن کي وري سروي فارم موڪلي ذهني صحت ۾ تبديلين کي ڏٺو ويو.
ان ڊيٽا جي بنياد تي اندازو لڳايو ويو ته امڪاني طور ويڪسينيشن کانپوءِ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي ذهني پريشاني ختم ٿي.
ڊيٽا مان اشارو ملي ٿو ته ڪورونا کان بچاءَ لاءِ ويڪسينيشن ڪرائڻ نه رڳو ماڻهن کي بيماري کان تحفظ فراهم نٿو ڪري پر ان سان ذهني خوف ۽ بيچيني به گهڻي حد تائين گهٽجي وڃي ٿي.
واضح رهي ته اها تحقيق سدرن ڪيليفورنيا يونيورسٽي ۾ ڊيٽا بيس شاهدين جي بنياد تي ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔