روس جو افغانستان جي نگران حڪومت جي حوالي سان فيصلو

ماسڪو: ڪابل تي طالبان جي قبضي کانپوءِ افغاستان تي طالبان جو مڪمل ڪنٽرول ٿي چڪو آهي.
هن وقت تائين سواءِ پنجشير وادي جي سڄي ملڪ ۾ طالبان جي ڪٿي به مزاحمت نظر ناهي آئي ان حوالي سان به طالبان مختلف دعوائون ڪرڻ کانپوءِ آخرڪار اهو اعلان ڪري چڪا آهن ته انهن پنجشير وادي تي به مڪمل ڪنٽرول ڪري ورتو آهي.
ان حوالي سان طالبان افغانستان ۾ نگران حڪومت جو اعلان ڪيو هو جنهن جي حوالي سان نگران حڪومت جا حڪمران به نامزد ڪيا ويا آهن.
طالبان نگران حڪومت جي حوالي سان هڪ تقريب رکي آهي جنهن ۾ سفارتي سطح تي اختياريون شرڪت ڪنديون.
ڪريملن چيو آهي ته روس، افغانستان ۾ نئين نگران حڪومت جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت نه ڪندو.
روس جي ايوان بالا جي اسپيڪر هلندڙ هفتي جي شروعات ۾ چيو هو ته افغانستان ۾ حلف برداري واري تقريب ۾ سفارتي سطح تي اختياريون شرڪت ڪنديون، پر هاڻي تقريب ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔