سنڌ جو مشهور ملهه پهلوان امداد علي ڀنڀرو گڙدن جي تڪليف سبب فوت ٿي ويو

اڳڙا شهر جي ڳوٺ فقير يوسف نانڪ جي نگري ۾ ملهه پهلوان امداد علي ڀنڀرو 1975ع ۾ غلام نبي ڀنڀرو جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم فقير ڳوٺ مان ڪرڻ بعد مئٽرڪ جو امتحان 1992ع ۾ پاس ڪيو، غربت هجڻ ڪري اڳتي تعليم جاري نه رکي سگهيو. ويتر سفارش نه هجڻ ڪري ڪابه سرڪاري نوڪري نه ملڻ ڪري قد ۽ بت جو مضبوط هجڻ ناتي ملهه وڙهڻ جي دلچسپي رکندي ميهر مرکنڊ جي استادي اصل ڪندي ملهه وڙهڻ شروع ڪئي، ائين ملهه وڙهندي وڙهندي وڏي مشهوري ۽ مقبوليت حاصل ڪئي.
هن تقريبن ويهه سال پهرين، ٻئي جوڙ ۾ ملهه ڪيترن ئي درگاهن تي وڙهي، جنهن ڪري سندس کي ڪيترائي ايوارڊ به مليا، جنهن شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي درگاهه، قلندر لعل شهباز، سچل سرمست، ڳوٺ جي درگاهه فقير نانڪ يوسف سميت مختلف درگاهن تي ملهه وڙهي، ڪجهه عرصي کان گڙدن جي تڪليف سبب ملهه وڙهڻ ڇڏي ڏيڻ بعد گهر ڀيڙو ٿيل هيو، بيمار هجڻ باوجود هن ڪنهن جي محتاجي برداشت نه ڪئي ۽ اڳڙا شهر ۾ برياني جو ريڙهو هڻي وقت ڪڍڻ لڳو پر پوءِ به زندگي جي جنگ نيٺ هارائي ويو، سندس موت جي خبر پوڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو.
جڏهن پوري علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇائنجي وئي آهي، مرحوم کي فقير نانڪ يوسف جي درگاهه تي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو، سندس پونئرن سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔