اليڪشن ڪميشن تي وفاقي حڪومت جي ڇتي تنقيد، اليڪشن ڪمشنر پاران اجلاس طلب

اسلام آباد: وفاقي حڪومت اليڪشن ڪميشن مٿان سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته لڳي ايئن ٿو ته اليڪشن ڪميشن مخالف ڌر جو هيڊڪوارٽر بڻجي ويو آهي ۽ اليڪشن ڪمشنر سندن مائوٿ پيس وانگر ڪم ڪري رهيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته اليڪشن ڪميشن مان ڪوبه مطمئن ناهي ڇاڪاڻ ته سندن منطق ئي عجيب آهي. هن يو ته حڪومت چونڊن کي شفاف بڻائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو سهارو وٺڻ چاهي ٿي پر لڳي ٿو اليڪشن ڪميشن مخالف ڌر جو هيڊڪوارٽر بڻجي ويو آهي. هن الزام هنيو ته اليڪشن ڪمشنر جا نواز ليگ جي سربراهه نواز شريف سان لاڳاپا آهن ۽ چاهين ٿا ته اي وي ايم کي تڪراري بڻايو وڃي. ان کان اڳ وفاقي وزير اعظم سواتي اليڪشن ڪميشن تي پڻ سخت تنقيد ڪئي جنهن تي اليڪشن ڪمشنر سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي ۽ ان ڏس ۾ اجلاس پڻ طلب ڪري ورتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔