اي آءِ جي موٽر وي گاڏي تي فائرنگ سبب زخمي، ڀاءُ مارجي ويو

لاهور: ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل (اي آءِ جي) موٽر وي سجاد افضل آفريدي جي گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ سندس ڀاءُ مارجي ويو جڏهن ته هو پاڻ زخمي ٿي پيو. موٽر وي جي ترجمان موجب فتح جهنگ انٽرچينج تي ايڊيشنل آءِ جي موٽر وي سجاد افضل آفريدي جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي. ترجمان چيو ته فائرنگ ۾ ايڊيشنل آءِ جي جو ڀاءُ نعمان افضل مارجي ويو جڏهن ته اي آءِ جي موٽر وي واقعي ۾ زخمي ٿي پيو ۽ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو. ترجمان موجب ، سينئر پوليس آفيسر واقعي واري هنڌ پهچي ويا آهن ۽ واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔