ملڪي استحڪام کي نقصان پهچائيندڙ قوتن کي ناڪام بڻايو ويندو: آرمي چيف

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ٻاهرين ۽ اندروني قوتن جي ارادن کي ناڪام بڻايو ويندو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي ، جنهن ۾ عالمي ، علائقائي ۽ قومي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر چيو ته ڪانفرنس ۾ افغانستان جي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان حوالي سان آرمي چيف چيو ته سرحدي انتظام سبب پاڪستان جون سرحدون ۽ اندروني سلامتي برقرار آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف مختلف خطرن جي خلاف فوج جي تعاون ۽ ڪردار کي ساراهيو جڏهن ته افغانستان مان غير ملڪي ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ فوج جي تعاون ۽ ڪردار جي ساراهه ڪئي. آءِ ايس پي آر چيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه امن جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم کي ورجايو ۽ چيو ته علائقائي اسٽيڪ هولڊرز وچ ۾ تعاون هڪ خوشحال ۽ پرامن خطي لاءِ ضروري آهي. آءِ ايس پي آر چيو ته آرمي چيف روايتي ۽ غير روايتي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تيارين جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ٻاهرين ۽ اندروني قوتن جي ارادن کي ناڪام بڻايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔