پئسو هوندي اسڪولن جي بندش، سردار شاهه سبب ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه چيو آهي ته نجي اسڪولن جي ٻارن کي انگريزي کانسواءِ ڪجهه ناهي ايندو. سنڌ جي تعليم کاتي ۽ جائيڪا گڏيل طور ايڊوانس ڪوالٽي الٽرنيٽيو لرننگ پراجيڪٽ جي شروعات ڪري ڇڏي، جنهن جو مقصد عورتن ۾ تعليم کي هٿي ڏيڻ آهي. ان حوالي سان ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه چيو ته نجي اسڪولن جي ٻارن کي انگريزي کانسواءِ ڪجهه ناهي ايندو، کين سائنس ۽ ڪيميسٽري جي ڪا خبر ناهي. هن چيو ته آرٽيڪل 25 تحت ٻارن کي مفت تعليم فراهم ڪرڻي آهي، اسان وٽ پئسي جي نه انساني وسيلن جي کوٽ آهي، سرڪاري اسڪول ان ڪري بند آهن، ڇو ته اتي استاد موجود ناهن. سندس چوڻ هو استادن جي کوٽ ختم ڪنداسين ته جيئن اسڪول کولي سگهجن، جڏهن استاد اسڪول ۾ هوندا ته اسڪول بند نه ٿيندا. سردار شاهه وڌيڪ چيو ته مان 60 لک ٻارن جي اسڪول کان ٻاهر رهڻ بابت متفق ناهيان، 15 سيڪڙو ڇوڪرين ٻهراڙين ۾ اسڪول ناهن وينديون، 2017 جي مردم شماري سان اسڪول ويندڙ ٻارن جو انگ ڪڍو، اسان کي پاڻ ڏسڻو آهي ته ڪٿي آهيون ۽ ڇا ڪري رهيا آهيون. صوبائي وزير چيو ته مون کي معاشري ۾ هيٺين سطح جي ٻارن ۾ تعليم جي اُڃ جو اندازو آهي، اسان کي مڪمل ڪمٽمينٽ اسان اڳتي وڌڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔