اڪشي ڪمار جي ماءُ ديهانت ڪري وئي

ممبئي : بالي ووڊ جي ناليواري اداڪار اڪشي ڪمار جي امڙ ارونا ڀاٽيا لاڏاڻو ڪري وئي.
سوشل ميديا تي اداڪار پاران امڙ جي لاڏاڻي جي خبر مداحن سان شيئر ڪئي وئي.
اڪشي ڪمار پاران شيئر ڪيل ٽوئيٽ ۾ لکيو ويو ته هوءَ منهنجي وجود جو لازمي حصو هئي، اڄ مان پنهنجي وجود ۾ هڪ ناقابل برداشت ڏک محسوس ڪري رهيو آهيان، منهنجي ماءُ ارونا بهاٽيا اڄ صبح هن جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي ۽ ٻي دنيا ۾ منهنجي والد سان وڃي ملي آهي.
اڪشي ڪمار جي اهڙي ٽوئيٽ کانپوءِ مداحن طرفان ڏُک جو اظهار ۽ دعائون ڪيون ويون، جنهن تي ڀارتي اداڪار پنهنجي مداحن جا ٿورا مڃيا.
ڀارتي ميڊيا موجب اڪشي ڪمار جي پيءُ گذريل جمعي تي ممبئي جي هيرا نندي اسپتال ۾ داخل هئي، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔