افغانستان بابت سمورا جائزا ۽ اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ تبديلي هڪ حقيقت آهي، اسان افغان عوام سان گڏ آهيون، افغانستان جا مسئلا افغان عوام کي ئي حل ڪرڻ گهرجن. پاڪستان جي دعوت تي افغان مسئلي تي پاڙيسري ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو ورچوئل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چين، ايران، تاجڪستان، ترڪمانستان، ازبڪستان جا پرڏيهي وزير شريڪ ٿيا. افغانستان جي صورتحال تي ورچوئل علائقائي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته اسان کي افغانستان ۽ ان جي عوام سان سهڪار ڪرڻو آهي، يقيني بڻايو وڃي ته افغان سرزمين ڪنهن جي به خلاف استعمال نه ٿيندي، افغان پناهگيرن جو اچڻ ۽ بارڊر سڪيورٽي جا چئلينج آهن، افغانستان جي اقتصادي صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ عالمي برادري کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔